نوشهري لائبريري جي ڇت شاگردن مٿان ڪري پئي، 2 شاگردياڻيون زخمي

نوشهروفيروز ( ڊر )  نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان قائم پبلڪ لائبري جي ڇت ڪري پئي پڙهڻ جي لاءِ آيل شاگرڌياڻين ۽ شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب  2 شاگردياڻيون شاهين سهتو ۽ شرف النسا لاڙڪ زخمي ٿي پيون، جن کي سندن وارث اسپتال مان ملم پٽي ڪرائڻ کان پوءِ پنهنجي ،پنهنجي گهر وٺي ويا، جڏهن ته شاگردن جي وڏي انگ اظهرعلي ڪاڪيپوٽو، رياض علي ابڙو، انيس سولنگي، احسان خاصخيلي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميان خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته نوشهروفيروز لائبريري ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه سهولت ناهي، جڏهن ته اسان جي احتجاج ڪرڻ تي 2 مهينا اڳ ڊي سي نوشهروفيروزرٽائرڊ  ڪيپٽن بلال شاهد رائو لائبريري جي ڇت ٺهرائي هئي ان وقت به اسان عتراض وايو هو ته پبلڪ لائبريري جو ڪم صحي نٿو ڪيو وڃي ۽ ڊي سي نوشهروفيروز کي لکت ۾ شڪايت پڻ ڪئي پر اسان جي ڪنهن دانهن نه ٻڌي ۽ لکين رپين جي بجيٽ لائبريري جو ڪم ڏيکاري هضم ڪئي وئي جڏهن ته لائبريري کي ڪابه سهولت نه ملي ۽ ڇت جو انتهائي غير معيا ڪم ڪيو ويو آهي  جنهن جي نتيجي  ۾ اڄ ڇت ڌماڪو ڏئي ڪري پئي آهي جڏهن ته لائبريري ۾ روزانو 70 کان 100 جي لڳ ڀڳ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ايندا آهن اڄ به 50 کان مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيو لائبريري ۾ موجود هئا جو مٿان ڇت ڪرڻ سبب 2 شاگرڌياڻيون زخمي ٿي پيون آهن، جن کي مٿي ۾ ڌڪ لڳا ۽ ٻانهون ڀڄي پيون آهن، اختياريون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.