ڪي اين شاهه لڳ عورت موٽرسائيڪل تان ڪري فوت

خيرپورناٿن شاھ ( ت ر ) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڪولاچي موري سامهون انڊس هاء وي تي ڳوٺ رضا محمد ڏيرو جي رهواسڻ چئين ٻارن جي ماءُ40 ورهين جي مسمات عزت خاتون ڏيرو سندس ڀائيٽيي تنوير ڏيرو سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيا هيا ته عورت هلندي موٽر سائيڪل تان روڊ  تي ڪري سخت زخمي ٿي پي جنهن کي ميهڙ اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏني عورت جي حالت نازڪ هجڻ سبب وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪيو ويو, عورت لاڙڪاڻي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي وئي, فوتڻ جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو, فوت ٿي ويل عورت عزت خاتون پنهنجي ڀائيٽي تنوير سان گڏ موٽر سائيڪل تي ميهڙ شھر مان ڳوٺ اچي رهي هئي ته موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو , فوتڻ ڏندن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالغني ڏيرو جي ڀيڻ هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.