پ پ اڳواڻ ايس ايم تقي جي سوين ڪارڪنن سميت درگاهه قلندر تي حاضري

سيوهڻ(ن ع آ ) مرڪزي تنظيم عزادري جي صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ايس ايم نقي نائب صدر محسن نظير جنرل سيڪريٽري محمد عباس ڊاڪٽر نديم نقوي ۽ وجاھت  تقوي سوين ڪارڪنن سان گڏ جي سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاھ تي حاضري ڀري گلن چادر چاڙهي۽ فاتح پڙهي ان بعد مرڪزي تنظيم عزادري جي صدر ايس ايم نقي سيوهڻ پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مقصد آهي عزادري۽ عزادارن جي خدمت ڪرڻ آهي جنهن ڪري اڄ قلندر لعل شهباز جي درگاھ تي حاضري ڀرڻ لاءِ ھتي آيا آهيون. ھن چيو ته مون پيپلزپارٽيء ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري سگھان ڇا ڪاڻ ته پارٽي ھميشه غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽اھو عزم جاري آهي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جو ن لازوال قربانيون آهن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي غريب عوام خاطر سولي کي قبول ڪيو ۽شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھن ملڪ کي ايٽمي طاقت بنايو شھيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ کي بچائڻ لاءِ جان قربان ڪئي ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري به والده جي نقشي قدم تي هلي رهيو آهي پيپلز پارٽي سڄي سنڌ۾تمام وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جنهن ڪري ئي سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي ٿو تنظيم عزادري جي مرڪزي صدر ايس ايم نقي  وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ مضبوط آهي اسان سڀ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ متحد آھيون.

گپچاڻي ۾رهواسين جو پوليس خلاف احتجاج

گپچاڻي (ن ع آ) گپچاڻي برادري جو چمبڙ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو مبينا قتل ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ کين ڦاسايو ويو قتل واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو خبرموجب گپچاڻي برادري جي ماڻھن امرمقصود آصف علي گپچاڻي خالق يختيارعلي ۽ ٻين  چمبڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نورالدين خلاف گپچاڻي پريس ڪلب ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو تہ  هڪ هفتو اڳ چمبڙ ۾ مبينا قتل ٿيل نوجوان ساجن ڪپري جي ڪيس ۾ برادري جي چئن ڄڻن مقيم وارث شاهد ۽ رسول بخش گپچاڻي کي ايس ايڇ اوچمبڙ بااثرن جي ونگار وهندي قتل ۾ ملوث ڄاڻائي کين گرفتار ڪيو آھي هنن چيو تہ ڄاڻايل ماڻھو قتل ۾ ملوث ناهن هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو آھي تہ مبينا قتل ٿيل ساجن ڪپري جي واقعي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي بي گناھ گرفتار ٿيلن سان انصاف ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.

کهڙا ۾اي سي گمبٽ پاران دورو، صفائي جو جائزو

کهڙا (ن ع آ)  کهڙا ۾ اي سي گمبٽ جو دورو. صفائي سٿرائي. احساس ڪفالت سينٽر جو جائزو. نوجوانن جي جدوجهد ميڊيا جي خبرن رنگ لاٿو. بند پيل لائيبريري کلي وئي. نوجوانن ۾ خوشي جي لهر. اي سي گمبٽ سيد ارباب علي شاه  کهڙا شھر پهچي  کهڙا ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر عبدالحفيظ سولنگي سان گڏجي شھر جو دورو ڪري صفائي سٿرائي ۽ شھر ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر جو جائزو ورتو ۽ گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي بند پيل پبلڪ لائيبريري کي کولرايو.انهي موقعي تي اي سي گمبٽ سيد ارباب علي شاه ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته کهڙا ۾ بند پيل لائيبريري کي فنڪشنل ڪري ميان چنيهه فقير ڪميونٽي هال جي هڪ پاسي کان لائيبريري قائم ڪئي وئي آھي شھري خاص ڪري نوجوان لائيبريري ۾ اچي ڪتاب ۽ اخبارون پڙهن. سيد ارباب علي شاه وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ تعليم تي ڌيان ڏين. تعليم انسان جي ٽئين اک آھي. نوجوان فضول هوٽلن تي ويهڻ بجاء لائيبريري ۾ اچي ڪتاب پڙھن. هن لائيبريري ۾ سي ايس ايس جو ڪورس به رکنداسين جئين شاگرد وڌ کان وڌ پڙھي سگهن. لائيبريري سڄو ڏينهن کليل رهندي جڏھن ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي بند پيل پبلڪ لائيبريري هڪ ڀيرو ٻيهر کلي وڃڻ سبب شھر جي نوجوانن ۾ سخت خوشي جي لهر ڇانجي وئي آھي انهي حوالي سان شاعر مبين اڄڻ. نديم مغل. عامر علي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اڄ اسان کي تمام گهڻي دلي خوشي ٿي آھي ته بند پيل لائيبريري کولي وئي آھي اهيا اسان جي دلي خواهيش ھئي جيڪا اڄ پوري ٿي آھي. جڏھن ته اي سي گمبٽ سيد ارباب شاه سان  ٽائون آفيسر عبدالحفيظ سولنگي. ٽائون ملازم گلزار سولنگي. خادم مغل. امام ڏنو اڄڻ. جان محمد رتڙ. اعجاز شيخ. عمران ميمڻ. زوهيب منگي. انوار انصاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

حيدرآباد ۾ بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو، باهيون

حيدرآباد(رپورٽر) لطيف آباد يونٽ نمبر 11 جي رهواسين 20 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ خلاف خدا حافظ بورڊ واري علائقي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. احتجاج دوران علائقي واسي عورتن ۽ ٻارن حيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج دوران عبدالستار، ريحان علي ۽ ٻين چيو ته سندن علائقي ۾ 20 ڏينهن اڳ بجلي جو ٽراسفارمر خراب ٿيو هو. جنهن بابت انهن لاڳاپيل سب ڊويزن کي درخواست ڏني. عملي پهچي مرمت لاءِ ٽرانسفارمر لاٿو ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن. هنن چيو ته 20 ڏينهن کان لاڳاپيل حيسڪو سب ڊويزن جا عملدار سندن بجلي جو ٽرانسفارمر ٺاهڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هاڻي کانئن مبينا طور 30 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي جيڪا نه ڏيڻ تي سندن علائقي جي بجلي بحال نه ٿي آهي. علائقي واسين ٻڌايو ته بجلي نه هئڻ سبب 20 ڏينهن کان ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن. سخت گرمي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ سبب ٻارڙا توڙي پيرسن بي حال بڻيل آهن. هنن حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن علائقي جي بجلي بحال ڪئي وڃي ته جيئن سندن پريشانيون ختم ٿي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.