ڄام نواز علي واسي وٽرنري اڳواڻ جو ڀاءُ فوت

نئون آباد )ن ع آ) ڄام نواز علي جي پيرا وٽرنري ايسوسيئيشن اڳواڻ زين العابدين جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالقادر گن ڪجھ عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ محمد صديق گن ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ سپوا يوٿ ونگ جي اڳواڻن وسيم مغل،ربنواز ،اسدا الله ڪلھوڙو، نواب چانڊيو،انور وسطرڙو اسٽاڪ اسٽنٽ ۽ ڊاڪٽرن ۽ علائقي واسين سياسي و سماجي اڳواڻن وڏي انگ شرڪت ڪئي مرحوم ڊاڪٽر عبدالقادر گن اسٽاڪ اسٽنٽ جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ پيرا وٽرنري ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو سپوا تنظيم ذريعي جدوجهد ڪري اسٽاڪ اسٽنٽ جا مسئلا ۽ اسڪيل ڏيارڻ سميت سندن سمورا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو پاڻ ڪجھ عرصو عرصو بيمار رهڻ بعد رات دير سان لاڏاڻو ڪري ويو .

ٽنڊي محمدخان پوليس جي 2 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر) ٽنڊومحمدخان۾ پوليس پاران 2 منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعوا . سندن خلاف ڪيس داخل ، خبر موجب ٽنڊومحمدخان جي مويا ٿاڻي جي پوليس جوابدار راجا رند . ۽ ٽنڊو غلام حيدر پوليس جوابدار وزيرعلي هاليپوٽو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ۽ سندن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس پڻ درج ڪري ڇڏيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.