پير ڳوٺ واسڻ عورت سکر اسپتال ۾فوت، صدمي ۾پٽ جو آپگهات

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو )  پيرجو ڳوٺ واسي عورت سکر جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران  غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت صدمي ۾ نوجوان پٽ سنڌو درياء ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي هندو برادريء ۾ سوڳ، گھر ۾ ڪهرام.خبر موجب پيرجوڳوٺ جي هندو محلا جي رهواسڻ عورت سکي ٻائي زال آرٿ مل سکر نجي اسپتال بلڊ بينڪ ۾ علاج دوران غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته وارثن پاران الزام هنيون آهي ته غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. ماء جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌندي فوتي عورت جي نوجوان پٽ درشن لال موٽر سائيڪل تي چڙهي سنڌو درياء ۾ ٽپو ڏيئي اپگهات ڪري ڇڏيو . ان ڏس ۾ فوتڻ جي وارث نڪاش ڪمار جو چوڻ آهي ته فوتي عورت سکي ٻائي چاچي آهي، ٻه ڏينهن اڳ کيس ڪينسر جي مرض سبب ڄاڻايل اسپتال ۾ داخل ڪرايو ۽ هوُ ٺيڪ هئي پر اسپتال جي هڪ ڊسپينسر غلط انجيڪشن لڳائي جنهنڪري سندس چاچي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسپتال عملي وڏو ظلم ڪيو آهي. جڏهن ته ماء جي اوچتو فوت ٿيڻ ڪري وڇوڙي جي صدمي ۾ سندس نوجوان پٽ 20 ورهين جي درشن لال موٽرسائيڪل تي چڙهي سنڌوء جي ڪپ تي موٽرسائيڪل کي ڦٽو ڪري ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي پيرجوڳوٺ جي هندو برادري م سوڳ ۽ گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. آخري اطلاعن تائين نوجوان درشن لال  جو لاش هٿ اچي نه سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.