ڳڙهي خيرو ويجهو واپارين کان لکين رپيا ڦر

ڳڙهي حسن (ن ع آ) معمول مطابق جيڪب آباد جا واپاري نريش اميت مانجھي پور ڪريم بخش کوسو کان پرچون ۽ جنرل اسٽور کان اوڳاڙي ڪري ويگن جي ليٽ پھچڻ تي بس ۾ سوار ٿيا انهن پنھنجا ڪيش پئسا تلو ڪوڪنگ آئل جي جي پائوچ واري دٻن ۾ لڪائي رکيا ھئا، بس جڏهن ڀٽا شاخ دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ پھتي ت ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڄڻن ٻن وٽ ڪلاشنڪوف ھڪ وٽ پستول ھڪ وٽ لٺ ساڻ ھو بس کي روڪڻ جو اشارو ڪيو بس ڊرائيور بس ن روڪيو ت موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن بس جو پيڇو ڪري روڪيو ۽ بس ۾ چڙهي وڏي آواز سان چوندا رهيا ت ھن بس ۾ اسان جو ڪارو قرار ڏنل ھمراھ ويٺو آهي ڪو ب مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ن ڪري بس جي پويان کان اڳين سيٽ تائين مختلف ماڻهن کي تلاشي ڏيندا آيا واپاري اميت کان ھڪ لک رپيا تلاشي دوران نڪتا جڏهن ت واپاري اميت جا پئسا تيل جي دٻي ۾ ھجڻ ڪري ڇڏي اڳين سيٽ تي ويٺل ھمراھ ڏانهن ھليا ويا ان سان ڳالھائڻ بعد ٻيھر واپاري وٽ پھتا ۽ تيل جي دٻن ۾ پيل رقم 28 لک رپيا ڦري ورتا ھڪ ڪلاشنڪوف وارو ھمراھ پاڻ کي پوليس اھلڪار سڏائي رهيو هو ڦر ڪندڙ سنڌي ۽ بلوچي ڳالھائي رھيا ھئا،. ڊرائيور، بس ۾ ويٺل مسافرن ۽ ٽرانسپورٽ جي ڊرائيورن پوليس اسٽيشن دلمراد اڳيان روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو پوليس اسٽيشن دلمراد جي ايس ايڇ او شفقت ڪناسرو مظاھرين کي ھندو واپارين کي لولي پاپ ڏيئي احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو ۽ چيو ت پوليس اسٽيشن ڪريم بخش کوسو ۽ ڳڙهي حسن ڏوھارين جو پيچو ڪيل آھن توهان ب مون سان گڏ ھلو جيئن ھٿياربندن جو پيچو ڪيون، ڏينهن ڏٺي جي ڌاڙي بعد علائقي جي واپارين پرديپ ڪمار فاروق احمد کوسو ۽ ٻين آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ت واپارين کي تحفظ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ۽ اسان جي علائقي ۾ بد امني ڪري واپار سخت متاثر ٿيندو جنهن جو اثر معيشت تي پوندو.

پليجاڻي ۾شيعا اڳواڻن جي احتجاجي ريلي

پليجاڻي (ن ع آ) پليجاڻي اسٽيشن تي آئمه معصومين سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي ريلي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي شيعا اڳواڻ سيد ارشاد علي شاھ، سيد شفقت علي شاهه، زوار صادق علي سوهو سيد الطاف شاهه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئمه معصومين اسلام جو مرڪز آهن اسين اڄ وحدت المسلمین، شيعا علماء ڪائونسل سميت سني فقحه سان تعلق رکندڙ ماڻهو آئمه معصومين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي کين ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. سندن شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي هر ان شخص تي خدا جي لعنت هوندي جيڪو رسول جي اولاد سان بغض رکي ٿو.

راضيديري ۾پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج

راضيديرو(ن ع آ) راضيديرو واسي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي خطرو، قتل جون ڌمڪيون. ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو راز خوشي سان نڪاح ڪيو آهي، زندگين کي خطرو آهي، تحفظ ڏنو وڃي : جوڙو. تفصيل موجبراضيديرو واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ محمود منگي ۽ مومل منگي دانهيندي چيو آهي ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، راز خوشي سان محمود منگي سان نڪاح ڪيو آهي.منهنجا مائٽ منهنجي مڙس ۽ سندس مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري گهر ۾ گهري ڀڃ ڊاهه بعد چوپايو مال ڪاهي ويا آهن.  هنن چيو ته اسان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ، اسان جي زندگين کي خطرو آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي اسان کي ۽ اسان جي گهر ڀاتين کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.