ميرپورخاص لڳ ناري سان مبينا لڄالٽ ڪوشش، متاثرن جواحتجاج

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) اوباش نوجوان پاران ناري سان مبينا لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ويڊيوٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ خلافاحتجاجي مظاهرو. انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو. انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو اعلان.  تفصيل موجب تعلقي حسين بخش مري جي ڳوٺ رامچند ميگھواڙ جي رهواسين پاران بااثر اوباش نوجوان ۽ پوليس خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن سونو ميگھواڙ سندس گھر واري اميا ۽ نوجوان ڌي لڇمي ميگھواڙ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 03 ڏينهن اڳ اسين زال مڙس زمين تي ڪم لاءَ ويل هئاسين ته اسان جي غير موجودگي ۾ علائقي جي بااثر اوباشن  پپو ميگهواڙ، لکمير ۽ جگديش ميگهواڙ گهر اندر گهڙي اسان جي نوجوان نياڻي لڇمي ميگهواڙ سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ۽ موبائل فون تي وڊيو ٺاهي جنهن دوران نياڻي مزاحمت ڪندي دانهون ڪيو ته ڌي جي رڙين تي پاڙيوارن پاران پهچڻ تي جوابدار فرار ٿي ويا، ڍواقعي جي رپورٽ اسان حد جي پراڻي ميرپور ٿاڻي تي ڏني پر ان  باوجود پوليس بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان کتو جواب ڏيندي بااثرن سان راڄوڻي ڪرڻ جو زور ڀري رهيا آهن بااثرن خلاف دانهڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي اطلاع  تي بااثر اوباش مڇرجي پيا آهن ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ٿيڻ يا ڪاروائي ٿيڻ جي صورت ۾ نياڻي جي وڊيو وائرل ڪرڻ سميت موت مار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ انساني حقن جي تنظيمن سميت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي اوباش نوجوانن خلاف ڪيس داخل ڪري کين فوري طور گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ سموري ڪٽنب سميت ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.