سکر پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل ڪار هٿ

سکر(رپورٽر) سکر پوليس جي ترجمان مير بلال لغاري پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مير معصوم شاهه مينار ڀرسان قائم يوٽيلٽي اسٽور وٽان شھري جي چوري ٿيل الٽو ڪار پوليس ناڪابندي دوران ھٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آھي. جڏھن ته ڪار ۾ سوار ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي.

تلهار ۾چاچي جو ڀائٽين خلاف احتجاج

تلھار (ن ع آ) تلھار ويجھو ڳوٺ فتح خان لغاري ۾ چاچن ڀائٽن ۾ ملڪيت تان تڪرار جو نڀيرو نه ٿيو،غلام مرتضي عرف لکيلغاري عوامي پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو ڌانھيندي چيو ته منھجا ڀائٽا اسرار حسين ۽ سردار حسين لغاري غلط ماڻھن جي چوڻ ۽ چرچ تي ڳوٺ مان لڏائڻ چاھين ٿا،ست سال اڳ فيصلي ۾ زرعي زمين جي ورھاست موجب ڀائٽن ۾ زمين تقسيم ڪرڻ جي باوجود ڀائٽن بااثرن ماڻھن سان ملي فيصلو ٿڏي منھجي زرعي زمين تان لکين روپين جا وڻ بنا منھجي اجازت وڍائي وڪرو ڪرائي ڇڏيا ۽ الزام مونتي مڙيا ويا جڏھن ته منھجي ڀائٽن کي بااثر چوري ڳوٺ ۾ خون خرابو ڪرائڻ چاھين ٿا منھجي زندگي کي خطرو پڻ آھي ڳوٺ ۾ خبرون ھلن پيون ته زرعي زمين جي لالچ ۾ بااثر ڀائٽن ھٿان رات پيٽ ۾ مونکي مارائڻ جو منصوبو پڻ جوڙيو ويو آھي آئون آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪيان ٿو ته ست سال اڳ فيصلي بابت رڪارڊ وٺي منھجي ڀائٽن ۽ ملوث بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري مونکي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.