سنڌ جي تعليم تي تجربا ڪرڻ بند ڪريو

نديم ميمڻ

عام چوڻي آھي ته ڪنھن قوم کي تباھ ڪرڻو ھجي ته ان کان تعليم کسي وٺجي. سو ھن وقت جيڪا سنڌ جي تعليم سان سنڌ جي تعليم وارو وزير ۽ ڪامورا ويڌن ڪري رھيا آھن ۽ ھر مھيني نوان تجربا ٿي رھيا تنھن سان سنڌ جي تعليم سڌرڻ بدران ڏينھون ڏينھن پٺتي وڃي رھي آھي. تعليم ڏيندڙ استادن خاص ڪري ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيندڙ استادن کي جنھن طريقي سان ھيسايو ۽ دٻايو وڃي پيو ان جو سڌو سنئون اثر انھن وٽ پڙھندڙ شاگردن تي پئجي رھيو آھي.ھن وقت بنيادي تعليم ڏيندڙ پرائمري استادن مٿان تعليم کاتي سنڌ پاران تجربن مٿان تجربا جاري آھن. استادن جي اپگريڊيشن ۽ پروموشن جي  حوالي سان تازو ھڪ پاليسي 15/01/2021 تي متعارف ڪرائي وئي جنھن تي به ڪو عمل نه ٿيو ۽ وري ان کانپوءِ ۽ ٻي  پاليسي 24/02/21 تي آندي وئي، وري ان تي به ڪو عمل نه ٿيو ۽ ھاڻي وري تعليم وارو وزير سعيد غني صاحب پاران پاليسين ۾ تبديلين جون ڳالھيون ھلندڙ آھن پر ڪنھن ھڪ به پاليسي تي عمل ٿيندي اڄ ڏينھن تائين نظر نه آيو آھي.جنھن سان استاد ذھني طور ڊسٽرب ٿي رھيا آھن. ڪ پاسي پاڪستان جي سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ 5 سال اڳ 14 اسڪيل ۾ اپگريڊ ٿي چڪي آھي ۽ گڏوگڏ کين پروموشن پڻ ملي رھيا آھن پر صرف سنڌ ۾ اڃان تائين پرائمري پوسٽ 9 اسڪيل ۾ ئي آھي جنھن کي 14 اسڪيل ۾ آڻڻ جا 6 مھينن کان سکڻا اعلان ئي ٻڌجي رھيا آھن پر انھن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت تعليم جي معاملي ۾ بوکلاهٽ جو شڪار نظر اچي رھي آھي. تعليم واري وزير ۽ ڪامورن کي خود سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته اسان ڪريون ڇا پيا ۽ ڪرڻو ڇا آھي بس رڳو تجربن تي وٺ وٺان لڳي پئي آھي. انھن تجربن جي ڪري سنڌ جي تعليم مسلسل تنزلي طرف وڃي رھي آھي ۽ اھي ئي افعال رھيا ته تعليم جي ترقي ناممڪن بڻجي ويندي ۽ سواءِ افسوس ڪرڻ کان ٻيو ڪجھه به نه ڪري سگھبو.ڪجهھ سال اڳ سنڌ ۾ ھزارين مانيٽرنگ اسسٽنٽ استادن جي بايو ميٽرڪ حاضري وٺڻ لاءِ ڀرتي ڪيا ويا جن کي موٽر سائيڪل پڻ ڏنا ويا پر ڪروڙين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود اھو تجربو مڪمل ناڪام ثابت ٿيو جنھن ۾ سواءِ ھلندڙ اسڪول بند ٿيڻ استادن کي بايو ميٽرڪ واري جڳھه تي گھر کان ويھه ٽيهه ڪلوميٽر پري وارن اسڪولن ڏانھن وڃڻ لاءِ پريشان ڪرڻ کان سواءِ ڪجھه به ھڙ حاصل نه ٿيو.ھاڻ وري ھڪ ٻي ڦوڪ ڏني پئي وڃي ته ھر اسڪول ۾ بايو ميٽرڪ ڊوائيس لڳائي استادن ۽ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪئي ويندي. اسڪول به اھي جن ۾ بجلي تي ٺھيو پر ڇت جو به نالو نشان نه آھي. اڪثر اسڪولن ۾ ٻار وڻن جي ھيٺ پٽ تي ويھي پڙھن ٿا. ڪٿي ڪٿي 200 شاگردن کي ھڪ استاد منھن ڏيندي نظر ايندو.جيڪو ھڪ ئي وقت پھرين کان وٺي پنجين ڪلاسجي ٻارن کي تعليم ڏيندو آھي. اھو جيڪڏھن صبح سان ٻارن جي بايو ميٽرڪ حاضري وٺڻ شروع ڪري ته موڪل جي وقت تائين به سڀني جي حاضري نه وٺي سگھندو.نتيجي ۾ جتي ٿوري گھڻي تعليم ھلندڙ ھوندي اتي ٻارن جي تعليم کي تالو لڳي ويندو. اڃان ته وڌيڪ تعليم کي تباھي طرف ڌڪڻ  وزارت تعليم پاران نون انوکن فيصلن جو اچڻ جاري آھي. جنھن سلسلي ۾ تعليم کاتي طرفان استادن جي بدلين تي پوري سروس دوران پابندي لڳائڻ جي اڻ اعلانيه پاليسي جاري ڪئي وئي آھي جنھن ۾ ٽي ڪيٽيگريز رکيون ويون آھن.جنھن مطابق گرين (سائي) ۽ ييلو (ھئڊي) ڪيٽيگري وارن اسڪولن جا استاد پوري سروس دوران بدلي نه ڪرائي سگھندا. صرف ريڊ (ڳاڙھي) ڪيٽيگري وارو استاد بدلي ڪرائي سگھندو سو به صرف گرين ڪيٽيگري واري اسڪول ۾ بدلي ڪرائي اچڻ کان پوءِ اتي ئي سڄي سروس پوري ڪندو.اھڙي انوکي پاليسي جي ڪري جن ييلو اسڪولن تي ھڪ ئي استاد رکيل ھوندو اھو ان استاد جي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ته بند ئي ڪرڻو پوندو.اھڙي استاد دشمن ۽ تعليم دشمن پاليسي تي استاد تنظيمن جي خاموشي به حيران ڪن آھي.ان کان سواءِ سنڌ جا 800 اسڪول سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سيف حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جيڪو سنڌ حڪومت جي ناڪامي ۽ نااھلي جو دليل آھي. ساليانو ڪروڙين روپيه پگھارون کڻندڙ ڪامورا ۽ مراعتون وٺندڙ وزيرن ھيستائين سواءِ سنڌ جي تعليم کي تباھ حال تائين پھچائڻ وارو ئي ڪم ڪيو آھي ۽ ھاڻ وري اسڪولن کي خانگائڻ طرف وٺي وڃي رھيا آھن جيڪو غريب جي ٻار کان تعليم کسڻ وارو عوام دشمن فيصلو آھي. اميرن جا ٻار ھونئن به پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم پرائين ٿا پر غريب جي ٻار جي تعليم جو واحد ذريعو اھي سرڪاري اسڪول ئي آھن جن ۾ غريبن جا ٻار ھجڻ ڪري نه سنڌ سرڪار فرنيچر، واش روم، راند جو ميدان، لائبريري، ليبارٽري ۽ ٻيون جديد سھولتون جيڪي پرائيويٽ اسڪولن ۾ اميرن جي ٻارن کي حاصل آھن. نه ڏئي سگهي آهي. سنڌ سرڪار کي گھرجي ته ابتا سبتا فيصلا ڪرڻ ۽ روزانو تعليم بابت پاليسيون بدلائڻ بدران ڪجهھ اسڪولن جي حالتن تبديل ڪرڻ طرف ڌيان وڃي. اسڪولن ۾ شاگردن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ راند جا ميدان، غير نصابي سرگرميون ڪرائڻ، اسڪولن ۾ بجلي، پاڻي، سولر سسٽم، ڪمپيوٽر، لائبريريون ۽ تجربي گاھون مھيا ڪري ڏئي جيئن سنڌ جي تعليم کي ڪلھو ملي پوي ۽ سنڌ جي اڪثريتي عوام غريبن جا ٻار به سٺي ۽ معياري تعليم مفت ۾ حاصل ڪري سگھن.سرڪاري اسڪولن جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو سنجيده ٿيڻ تمام ضروري آھي ان کان سواءِ باشعور فردن کي مقامي سطح تي اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي جيئن صرف استادن تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ انھن اسڪولن جا مسئلا ٻڌي انھن کي حل ڪيو وڃي جيئن سنڌ جي تعليم جي ترقي ممڪن بڻجي سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.