پکو ٿاڻي جا لاڪ اپ خالي، اوطاق تي عدالتي ڇاپو، نوجوان آزاد

پکو ( ن ع آ ) پکو ٿاڻي تي مقرر ڪيل نئين ايس ايڇ او خالد نواز سانڊاڻو تازو ٻه ڏينھن اڳ ٿاڻي جي چارج سنڀالڻ شرط ٿاڻي جي لاڪپ ۾ مختلف ڪيسن ۾ قيد جوابدارن کي لاڪپ مان ڪڍي پوليس ڪسٽڊي ۾ خانگي جاين تي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو آھي اھڙي طرح ڪجھه ڏينھن اڳ باگوديرو واسي گرفتار نوجوان مجاھد گوپانگ کي ظاھر نه ڪرڻ تي سندن وارث محمد علي گوپانگ قمبر سيشن ڪورٽ جي جج علي بخش مشوري کي باندي نوجوان کي آزاد ڪرائي ڏيڻ لاءِ درخواست ڏني ھُئي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته پکو ٿاڻي جو ايس ايڇ او خالد نواز سانڊاڻو گرفتار نوجوان مجاهد گوپانگ کي آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ لک روپيا رشوت طلب ڪري رھيو آھي جنهن تي مقرر ٿيل ريڊ ڪمشنر پکو ٿاڻي تي ڇاپو ھنيو ته لاڪپ ۾ ڪو به قيدي نه ھُجڻ تي گرفتار نوجوان جي وارثن جي نشاندھي تي ڳوٺ ديدڙ ۾ خانگي اوطاق تي ڇاپو هڻي زنجيرن ۾ ٻڌل نوجوان مجاهد گوپانگ کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته پھري تي بيٺل ٻه پوليس اهلڪار جج کي ڏسي کسڪي ويا ،ھوڏانھن قمبر سيشن ڪورٽ جي جج ايس ايڇ او پکو خالد نواز سانڊاڻو کان خانگي جيل قائم ڪرڻ تي سخت پڇاڻو ڪيو ۽ اڄ رڪارڊ سميت ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڪري ڇڏيو , ٻئي طرف سيشن جج جي ڇاپي بعد پوليس طرفان خانگي جاين تي واڙيل قيدين کي رات جي پھر ۾ پوليس موبائل ۾ آڻي لاڪپ تي گرفتاري ظاھر ڪئي آھي، جنھن ۾ ڪيترا نوجوان بغير ڪيس ۽ روزنامچي جي انٽري بغير ظاھر ٿيا، ٻئي پاسي ايس ايڇ او خالد نواز سانڊاڻي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.