سجاول ۾ پاڻي کوٽ، آبادگار پريشان

سجاول )ت ر ) سجاول ضلعي ۾ سارين جي رونبي دوران پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا،  پاڻي جي وارابندي سبب وقت سر رونبو نه ٿيڻ ڪري پوکيل ٻيجو سڙڻ لڳو، آبادگارن کي وڏي نقصان جو انديشو خبر موجب سجاول ضلعي ۾ سارين جي رونبي دوران آبپاشي عملدارن پاران اوچتو وارابندي ڪرڻ سبب زرعي زمينن ۾ پوکيل ساريال جو ٻيجو سڙڻ ڪري آبادگارن ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، انهي سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران ڪوٽڙي بئراج جي لوئر پنڃاري سرڪل ۾ 8 جولائي کان آگسٽ تائين وارا بندي جي ڪيل فيصلي کان پوءِ اپر پنڃاري ڊويزن حيدرآباد ۽ لوئر پنڃاري ڊويزن سجاول کي چار چار ڏينهن جي وارابندي جي بنياد تي پاڻي ڏنو ويندو، جنهن ڪري ضلعي سجاول ۾ لکين رپين خرچن سان آبادگارن جو زرعي زمينن ۾ پوکيل ساريال جي ٻيجي جو هلندڙ رونبي وارو ڪم سخت متاثر ٿيڻ ڪري آبادگارن کي وڏي نقصان ٿيڻ جو انديشو وڌي ويو آهي،ٻئي طرف آبادگارن آبپاشي عملدارن پاران ڪيل اوچتو پاڻي جي وارابندي بابت ٿيندڙ نقصان بابت ٻڌايو ته ساريال جي ٻيجي جي پوکائي وقت آبپاشي عملدارن پاران اسان کي ايهو چيو ويو ته مٿان کان پاڻي پڪو آهي هاڻي ڪا به وارابندي وغيره نه ڪئي ويندي پر هاڻي جڏهن ساريال جي ٻيجي جي رونبو ڪرڻ جو وقت آيو آهي ته هٿرادو طور ضلعي سجاول ۾ پاڻي جي وارابندي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ڪري ضلعي ۾ زرعي زمينن ۾ هلندڙ رونبي وارو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ڪافي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب اڃا تائين رونبو به نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.