نئون ديرو ۾ وياجن جو آزار، انتظاميا ڪارروائي نه ڪئي، احتجاج

نئون ديرو(ن ع آ) شهيدن جي شهر نئون ديرو ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو. وياجين خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪرڻ توڙي قانون جوڙڻ باوجود وياجين خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿي سگهيو آهي. وياج سماج جو ناسور بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ هر ٻيو ماڻهو ڦاٿل هجڻ ڪري معاشي بدحاليءَ جو شڪار بڻيل آهي. وياجيءَ پاران وياج جي پئسن لاءِ ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪرڻ واري عمل خلاف نئون ديرو شهر جي درگاهه چوڏهل شاهه پاڙي جي رهواسڻ عورت جلندر خاتون پنهنجي نياڻي نوشاد خاتون سان گڏجي نئون ديرو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته نياڻيءَ جي علاج لاءِ 3 سال اڳ پاڙيسري عبدالقادر ڪنڌر کان وياج تي 80 هزار روپيه ورتا جنهن جو هر مهيني 10 هزار وياج گذريل 3 سالن کان وياجي عبدالقادر ڪنڌر کڻندو اچي پيو جنهن وٽ منهنجو چيڪ بڪ به گروي ٿيل آهي. 80 هزار جي جڳهه تي هو اسان کان 3 لک روپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪري چڪو آهي ۽ اڃان به اسان کان 50 هزار روپيه گهري رهيو آهي ۽ گروي ٿيل چيڪ بڪ به واپس نٿو ڪري. اعليٰ اختياريون گهروي چيڪ وارپس ڪرائي بيچني ختم ڪرائن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.