ٽنڊي باگي ويجهو سم نالي تي پل نه ٺهي، ڳوٺاڻا پاڻي جهاڳڻ تي مجبور

ٽنڊو باگو (رپورٽ : دوست محمد چانڊيو ) ٽنڊوباگو لڳ يونين ڪائونسل خليفو قاسم جي مختلف ڳوٺن بھروخان چانڊيو سومار خاصخيلي مصري ڪولھي سکيو ڀيل منگھو ڪولھي سميت مختلف ڳوٺن وچان گزر ڪندڙ سم نالي تي ڪيتري عرصي کان پل نه ھجن ڪري انھن ڳوٺن جا معصوم ٻارڙا سميت ڳوٺن ۾ فوتگي جي صورت ۾ ميٿ کي سم جي ھن طرف قبرستان سبب لاش کي کٽ تي رکي سم جي پاڻي ڪراس ڪري وڃڻو ٿو پئي جڏھن اسڪولي شاگردن پڻ اسڪول جي تعليم لا۽ روز سم جي پاڻي مان گزر ڪري وري ٻئي طرف واري ڳوٺ ۾ قائم اسڪول تي وڃن ٿا جڏھن ت ايمرجنسي جي صورت ۾ ڳوٺاڻا پڻ سم جو پاڻي جاڳي ھن طرف وڃن ٿا ٻي پاسي ڳوٺاڻن محمد ھاشم خاصخيلي ساجن نورزمان سومار چانڊيو شعبان چانڊيو رفيق خاصخيلي اسڪولي شاگردن حنا گل ناياب سوزيان جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن مظاھرو ڪندي چيو ته وڏي عرصي کان سم تي پل نه ھجڻ ڪري اسان پريشان آھيون اسڪولي شاگرد پڻ روز سم اندران پاڻي کي ڪراس ڪري ٻي طرف قائم اسڪول ۾ وڃي تعليم ٿا حاصل ڪن پر چونڊيل نمائنده ووٽن وٺڻ وقت اعلان ڪري وري غائب ٿيو ٿا وڃن اسان سخت پريشان آھيون مٿان وري برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آھي پوئي ته ھن سم مان گذرڻ به مشڪل ٿيو وڃي اسان برساتن جي ٽائيم تي شاگردن کي ڪلھن تي کڻي سم جو پاڻي ڪراس ڪرائيندا آھيون ھنن گھر ڪئي ته فورن سم تي پل تعمير ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.