ڀريا روڊ لڳ ڪاهه، گهر ڊاهي پٽ، پوليس ڍور ڪاهي وئي، احتجاج

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ سلطان مشوري جي رهواسي ڳوٺاڻن جو نوشهرفيرو۽ ڀرياروڊ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف گدا حسين خاصخيلي،  ابراهيم خاصخيلي، مسمات ميرزادي،  مسمات مومل ۽ ٻين سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا اڳيان دانيهندي چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان اسان جي ڳوٺ تي ايس ايڇ او امتياز ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾  پوليس اٽالن چڙهائي ڪري پنج کان مٿي اسان جا گهر ڪرين سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ اسان هن وقت کليل آسمان هيٺ نٽهڻ اس ۾  ويٺل آهيون، هنن چيو ته پوليس بنا جواز اسان جو لکين روپين جانور ڪاهي وئي،  جنهن ۾  10 مينهون، ٻڪريون ۽ گابا پڻ آهن، جنهن جي ماليت 10 لک کان مٿي آهي، جيڪي ڏيڻ جي لاءِ  تيار ناهن اسان جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پوليس ظلم جي انتهائي ڪري ڇڏي آهي، اسان جي بيگناهه عورتن ۽ مردن جي مٿان اغوا جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن۔ هنن چيو ته غلام مصطفي خاصخيلي جيڪو 3 سال اڳ فوت ٿي ويو آهي ۔ فوتي تي به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۔ جنهن جو فوتي سرٽيفڪيٽ پڻ موجود آهي، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوٽيس وٺي نه ته ٻارڙن سميت پاڻ ساڙينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.