ڏهرڪي ۾ بااثر جو پيرسن عورت تي تشدد، بيهوش، احتجاج

ڏهرڪي  ( ت ر ) ڏهرڪي جي ڳوٺ مٺو لکڻ ۾ معمولي ڳالهه تان لکڻ ۽ اوڏ برادري جي ٻارن ۾ ٿيل جهيڙي جي لکڻ برادري جي وڏيري وٽ دانهن کڻي ويندڙ عورت سهڻي اوڏ مٿان مبينه طور وڏيري  تشدد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو جنهن بعد وڏيري جي تشدد جو شڪار بڻيل سهڻي اوڏ جي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي سهڻي اوڏ ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان لکڻ برادري جي ٻارن اسان جي ٻارن کي مارڪٽ ڪئي، جنهن جي آءُ  دانهن لکڻ برادري جي چڱي مڙس اختيار لکڻ کي ڏيڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويس تي هو منهنجي دانهن ورجائڻ بدارن ابتو مڇرجي مون کي وحشاڻي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن واقعي جا ڳوٺ وار گواهه آهن هن چيو ته داد لغاري پوليس مون مٿان بنا جواز تشدد ڪندڙ وڏيري خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران اسان کي راڄوڻي ڪرڻ لاءِ زور ڏئي رهي آهي، هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.