ڪنري ۾ ڊوائيس مالڪ غريب عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي ڪرڻ لڳا

ڪنري (ت ر) ڪنري جو احساس ڪفالت سينٽر عملو غريب ۽ مستحق عورتن جي رقم ۽ اسڪولي شاگردن جي آيل وظيفي مان ڪٽوتي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، سري عام غير قانوني ڪٽوتي، انتظاميا اکيون ٻوٽي ڇڏيون. سينٽر تي ويٺل ڊوائيز ھولڊر ۽ ايجنٽن پنھنجا من پسند اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن. 17 کان مٿي ويٺل ڊوائيز ھولڊر مستحق عورتن جي آيل وظيفي جي رقم ۽ اسڪولي ٻارن جي وظيفي مان من مستين عيوض 5 سئو کان 15 تائين جي غير قانوني ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آھن. ايجنٽن پاران ڪٽوتي نه ڏيندڙ عورتن کي خالي ھٿين موٽائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. جڏھن ته سينٽر تي مقرر پوليس اھلڪار تماشو ڏسڻ ۾ رڌل آھن. انتظاميا به اگھور ننڊ سُتل آھي. ايجنٽن پاران من گھڙت مستين عيوض پنھنجا ڌار ڌار ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن. مستحق عورتن پاران احتجاج ڪندي ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن  مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو احساس ڪفالت جي سينٽر پھتو. اي سي پاران عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ۽ کيس رقم ڏئي رسيد نه ڏيڻ تي ڊوائيز ھولڊرن کي ڇنڊ پٽيندي ڪٽوتي نه ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون. اي سي جي سينٽر تي ڇاپي کان اڳ ڊوائيز ھولڊرن ڪٽوتي کي عارضي بند ڪري ڇڏي. اي سي پاران ثبوت نه ملڻ تي ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر محمد حسن کوسو جو چوڻ ھو مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ ڪونه ڏبي، ڪٽوتي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو. سينٽر وزٽ دوران سڀ ئي ڊوائيز ھولڊر ھڪ ئي ڪمري ۾ ويٺل ھئا جنھن سبب عورتن جي رش ھئي کيس ڌار ڌار ويھاري رش کي گھٽايو ويو آھي. ھن چيو ته ڊوائيز ھولڊر عورتن کي رقم جي رسيد نه ڏيندا ھئا کيس سختي سان ھدايتون ڪيون ته ھو ھر عورت کي سندس رقم سان گڏ رسيد به ڏيندا. ھوڏانھن اي سي جي ڇاپي باوجود ايجنٽن ڪٽوتي بند نه ڪئي ۽ ڪٽوتي جو سلسلو بدستور جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.