ٺل لڳ ارڙي وگهي ٻه معصوم ٻارڙيون فوت، انگ 62 ٿي ويو

ٺل ( ن ع آ )  ٺل لڳ ڳوٺ صاحب ڏنو سومرو ۾ ٽن ورهين جي معصوم نينگري ڪومل خاتون سومرو ارڙي سبب فوت ٿي وئي،نينگري جي گهر ۾ قهرام مچي ويو،ھوڏانھن ٺل جي باءِ  پاس وٽ ٽن سالن جي راڻي ڊول پڻ ارڙي سبب فوت ڪري ويون.جڏهن ته ٺل تعلقي ۾ ارڙي سبب فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 62 ٿي ويو آهي پر صحت کاتو خاموش بڻيل آهي،رهواسين دانهيندي چيو ته صحت کاتي جي نااهلي سبب گذريل ٻن مهينن جي عرصي ۾ 62 ٻارڙا ارڙي سبب فوت ٿي ويا آهن  آهي،صحت کاتي جون اختيارين پاران مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ٽيمون ڪم ڪري رھيون آھن افسوس جو ارڙي جھڙي مھلڪ بيماري مٿان ڪنٽرول نه ٿي سگھيو آھي.جنھن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.