ماٿيلي لڳ پيرسن جو قاتل گرفتار نه ٿيا، وارثن جو مظاهرو

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ )  ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ خير محمد مھر ۾ 17 ڏينھن اڳ پاڻي جي واري تان ٿيل جھيڙي ۾ قتل ٿي ويل محمد يوسف مھر جا قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگھيا، جڏهن ته پوليس جي اھڙي سستي خلاف جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن حاجي چنڊ مھر، اعتبار، حميد الله مھر ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار رحمت الله مھر، عيدن، بھاول، يعقوب مھر کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ۽ جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن، ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ڪيس خراب ڪرڻ چاهي پئي ۽ ڄاڻايل جوابدارن جا نالا ڪيس مان ڪڍڻ چاھي ٿي جيڪا اسان سان وڏي زيادتي آھي، هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون اسان جي ڪير به مدد نه ٿو ڪري، ھنن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.