40 لک جعلي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ وارو مسئلو

پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي جون سرحدون تقريبن دنيا جي هر ماڻهوءَ لاءِ کيل آهن، پوءِ ڀل اهو پنهنجي ملڪ ۾ جنگ جي ڪري تحفظ خاطر پاڪستان آيو هُجي، يا وري غربت ۽ بي روزگاريءَ جي ڪري پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيو هُجي، ان کان به اڳتي جيڪڏهن ڪو دهشتگرد آهي ته اهو پنهنجي تحفظ يا وري دهشتگرديءَ جي ڪاررواين لاءِ پاڪستان ۾ داخل ٿيو هُجي، ڪير به اچي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن به اچي سگهي ٿو ان لاءِ سرڪار کان اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي، سرحدون کليل آهن، اها ڳالهه دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندي آهي جڏهن ته ڪنهن به پرڏيهي ملڪ جي ماڻهوءَ جو ملڪ جي سرحدن اندر داخل ٿيڻ ملڪ جي معيشت، امن، سلامتيءَ لاءِ پڻ انتهائي خطرناڪ هوندو آهي.

اطلاع آهن ته نادرا سنڌ سينٽر ۾ پرڏيهن کي 40 لکن جي لڳ ڀڳ غير قانوني شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، اهڙو انڪشاف ايف آءِ اي نادرا جي آفيسر ۽ هڪ ايجنٽ کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيو آهي، ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر عامر فاروقي جو چوڻ آهي ملڪ ۾ پابندي پيل تنظيمن جي سياسي اڳواڻ ۽ انهن جي رشتيدارن کي پڻ جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ ملوث دهشتگردن کي پڻ جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، ان کان اڳتي جيڪا ڳالهه وڌيڪ خطرناڪ آهي اها آهي پرڏيهي ايجنسين جو پنهنجن ماڻهن جا دستاويز ٺهرائڻ، القاعده آپريٽرن جو پنهنجن ماڻهن جا ڪارڊ ٺهرائڻ، ان ڳالهه مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته نادرا سنڌ سينٽر پاران جيڪي جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن اهي ڪهڙن نه سنگين ڪاررواين لاءِ استعمال ٿيا هوندا ۽ اهو عمل ڪيتري قدر نه سنگين ڏوهه آهي.

ان ڏس ۾ اها ڳالهه انتهائي تشويشناڪ آهي ته ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر موجب نادرا سنڌ سينٽر جا 60 سيڪڙو آفيسر ڪرپٽ آهن ، جن جي ڪري پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي آهي، اسين سمجهون ٿا ته نادرا هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ انتهائي حساس نوعيت جي ڊيٽا پاڻ وٽ رکي ٿو جنهن ڊيٽا جي بنياد تي ئي ملڪ لاءِ انتهائي اهم فيصلا ٿين ٿا، مثلن چونڊ عمل، ناڻي جي ورهاست، عوام جو تحفظ وغيره، ڇو جو اسان ڏسي چڪا آهيون ته ملڪ اندر جن طاقتن دهشتگردي ڪئي آهي انهن ملڪ ۾ داخل ٿيڻ بعد سڀ کان پهريان محفوظ چرپر لاءِ شناختي ڪارڊ حاصل ڪيو آهي ۽ ان بعد ئي پنهنجون ڪارروايون ڪيون آهن،  ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جي پريس ڪانفرنس جو اهم ۽ تشويشناڪ پهلو اهو آهي ته جيڪي 40 لک ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن اهي سمورا جو سمورا ڪارڊ نادرا سنڌ سينٽر ئي جاري ڪيا آهن،ان جو مقصد ٿيندو ته نادار جي ريڪارڊ موجب سنڌ ۾ 40- لک غير ملڪي غير قانوني طور تي موجود آهن.

نادرا سنڌ سينٽر تان 40- لک جعلي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ وارو مسئلو پنهنجي جاءِ تي پر ان ڏس ۾ اسان جي لاءِ اها ڳالهه انتهائي حيران ڪندڙ آهي ته ملڪ جي هڪ انتهائي اهم اداري کي ان معاملي جي خبر تڏهن پئي ٿي جڏهن 40- لک ڪارڊ جاري ٿي چڪيون وڃن ٿا، ظاهر آهي اهي 40- لک ڪارڊ نه ته هڪ ڏينهن ۾ جاري ٿيا هوندا ۽ نه ئي هڪ مهيني ۾ ۽ نه ئي وري هڪ سينٽر تان يا وري نه ئي ڪنهن هڪ اٿارٽيءَ تحت جاري ٿيا هوندا، 40- لک ڪارڊ جاري ٿيڻ بعد ان ڳالهه جو احساس ٿيڻ اسان جي لاءِ واقعي به حيرت جهڙي ڳالهه، ايف آءِ اي جي اهڙي ڪارڪردگيءَ تي واقعي به سوال ٿي رهيا آهن، اسان دنيا جي انتهائي پوئتي پيل ملڪن ۾ به اهو ڏسون ٿا ته جيڪڏهن انهن ملڪن ۾ ڪي چاليهه ماڻهو به غير قانوني طور تي داخل ٿي ان ملڪ جو شناختي ڪارڊ ٺهرائن ٿا ته هوند ان ملڪ جي صوبائي توڙي مرڪزي ادارن کي خبر چئجي وڃي ٿي پر هتي 40-لک ڪارڊ جاري ٿيڻ بعد به خبر نه ٿي پئي.

هتي اسان جو مقصد ملڪ جي ڪنهن اداري تي ڪا تنقيد ڪرڻ مقصود نه آهي پر اهڙي ڪمزور پاسي جو ذڪر نه ڪرڻ به مناسب نه آهي، اسان هن موقعي تي وفاقي حڪومت ۽ نادرا اختيارين کان پرزور مطالبو ڪنداسين ته جيڪي به جعلي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، فوري طور تي انهن جي نمبرن جي جانچ ڪري انهن کي رد ڪيو وڃي ۽ ٻئي مرحلي ۾ اهڙن سمورن ماڻهن کي سندن جي لاڳاپيل ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي، ڇو جو سنڌ اڳ ئي آباديءَ جي انتهائي وڏي دٻاءَ هيٺ آهي جنهن تي آباديءَ جو دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي، اها ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي دٻاءَ ڪري ملڪ جي بقا ۽ سالميت لاءِ پڻ خطرا پيدا ٿي رهيا آهن.

نادار سنڌ سينٽر تان جعلي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ متعلق ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر ان جو ذميوار ڪرپٽ آفيسرن کي قرار ڏنو آهي، اسان ان ڏس ۾ ان خيال جا آهيون ته ملڪ جي اداري ۾ ڪرپٽ ڪير به هُجي، اهو مسئلو بلڪل نه هجڻ گهرجي ته اهو ڪهڙي ڪميونيٽيءَ سان تعلق رکي ٿو، پر ان ڏس ۾ اهميت ان ڳالهه جي هجڻ گهرجي ته ان ڪرپٽ آفيسر ملڪ جي سلامتي، تحفظ ۽ واقار کي خطري ۾ وجهڻ جو جيڪو ڏوهه ڪيو آهي، ان ڏوهه جي کيس انتهائي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي.

هن موقعي تي اسان اها به گذارش ڪنداسين ته سموري ملڪ سميت سنڌ ۾ پڻ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي ڏس ۾ جيڪي قاعدا ۽ قانون آهن انهن تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ انهن کي وڌ کان وڌ سخت بڻايو وڃي ان کان سواءِ وڌيڪ بهتر اهو ٿيندو ته شناختي ڪارڊ  جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ واري سوفٽ ويئر پروگرام کي اهڙي نموني جامع بڻايو وڃي جو ڪنهن جو به جعلي شناختي ڪارڊ جاري ٿيڻ ناممڪن ٿي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.