ناراض بلوچن سان ڳالهيون، ڇا حڪومت واقعي سنجيده آهي

انور ساجدي

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اها مهارت حاصل آهي ته ان حڪومت جا ذميوار مذاق ڏاڍي سٺي ڪري وٺندا آهن، ۽ تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا جي ٽيم واهه واهه سلامت مبارڪ جو هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيندي آهي، هاڻي به وزيراعظم عمران خان بلوچستان متعلق ڳالهين ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته هر طرف واهه واهه شروع ٿي وئي آهي، يعني حڪومت جي بلوچستان متعلق ڪيل ڳالهين جي نتيجن کي ڇڏي ڪري رڳو ان جي اعلان تي واهه واهه ٿي وئي آهي.

حڪومت جي اڪابرن جي صورتحال اها آهي ته هو پڇندا ٿا وتن ته آخر ڪار بلوچستان جو مسئلو آهي ڇا، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي پنهنجي اها راءِ آهي ته بلوچستان جو اصل مسئلو رڳو ان ڪري پيدا ٿيو آهي جو اتي ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن. ٿي سگهي ته جيڪي حڪومتي اڪابر بلوچستان جي مسئلي کي سمجهن ٿا انهن تي مشتمل هڪ اهڙي ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪي مسئلي جي اصل نوعيت کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندا هجن مثال طور اسلام آباد ۾ بلوچستان جي مسئلي کي درست ۽ گهري نموني سان جيڪو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو اهو آهي سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ، ان کان قطئه نظر ته ان جا نظريا ڪهڙا آهن يا وري ان جا سگهارين ڌرين سان رابطه ڪيئن آهن۽ هو بلوچن کي هڪ قوم جي حيثيت ۾ ڪيتري قدر ناپسند ڪري ٿو. انوارالحق لنڊن ۾ پنهنجي جلاوطنيءَ جي ڏينهن ۾ بلوچستان جي جلاوطن قيادت سان گڏ رهيو آهي. هوبلوچ قيادت جي نفسيات کي به چڱي نموني ڄاڻي ٿو ۽ انهن جي سياسي حڪمت عمليءَ کان به بهتر نموني واقف آهي. ها پر سندس متعلق اها ڳالهه يقين سان نٿي چئي سگهجي ته هو ڳالهين تي يقين رکي ٿو يا نه يا وري هو طاقت جي استعمال تي يقين رکي ٿو. اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي مقدم آهي ته بلوچستان اڄ جنهن منزل تي آهي ان ۾ انوارالحق ڪاڪڙ جو نمايا ڪردار آهي. هڪ علائقائي جماعت ” باپ“ جو به باني ڪار آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته بانيءَ جي طور تي سعيد هاشميءَ جو نالو مشهور آهي، پر ان جو بنيادي خيال ڪاڪڙ صاحب جو ئي پيش ڪيل آهي.

بلوچستان جي تبديل ٿيل صورتحال حڪمرانن جي سوچ ۾ تبديليءَ جي اهڃاڻ نه آهي، اها بين الااقوامي صورتحال ۾ آيل تبديليءَ جي ڪري وقت جي ضرورت آهي، اهو ڪو تصديق ٿيل ٿيل اطلاع نه آهي پر، هڪ افواهه ضرور آهي ته چين سرڪار پاڪستاني اختيارين کي اها سختيءَ سان تنبيهه ڪئي آهي ته سي پيڪ جي رستي ۾ حالتون پرامن بنايون وڃن جو بدامنيءَ ڪري ترقياتي ڪمن ۾ رنڊيڪون پئجي رهيون آهن، جڏهن ته هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ هڪ تجزيه ڪار ته ايتري تائين چئي ڇڏيو آهي ته چين بلوچستان جي ويڙهاڪن سان ڳجهي نموني ڳالهيون به ڪيون آهن، وڌيڪ الله بهتر ٿو ڄاڻي. هڪ طرف افغانستان جي ٻرندڙ صورتحال آهي ۽ ٻئي طرف ملڪ اندر بگڙيل حالتون آهن، جيڪڏهن اهي درست نه ڪيون ويون ته ڪافي مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. نواز شريف جڏهن وزير اعظم هيو ته هُن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي هُئي ته جيستائين اسان گهر اندر حالتون ٺيڪ نه ڪنداسين تيستائين دنيا اسان جي ڳالهه نه ٻڌندي، نواز شريف جي اهڙي ڳالهه تي کيس غدار سان تشبيهه ڏني وئي هُئي، جڏهن ته نواز شريف جي اهڙي بيان تي انڪوائريءَ لاءِ باقاعده هڪ ڪميشن ويهاري وئي هُئي ۽ سزا طور تي ان وقت جي اطلاعات واري وزير پرويز رشيد ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر رائو وڙائچ کي انهن جي عهدن تان هٽايو ويو هو.  بعد ۾ 2018ع جي چونڊن ۾ نواز شريف وري پنهنجي چيل ڳالهه تي زور ڏنو  ۽ هن دفعي آفت اچي ڊان جي رپورٽ تي ڪري جنهن کي ملڪ ڇڏڻو پيو هو.

پر ٽن سالن بعد اسان جي اصل حڪمرانن وري نواز شريف جي اها ئي ڳالهه ۽ انهن ئي لفظن ۾ دهرائي آهي، ته اسان کي ان هائوس تبديلي آڻڻي آهي ته جيئن پرڏيهي دنيا جا  عمل اسان تي اثر انداز نه ٿين. هاڻي جيئن ته افغانستان ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ اها جهڙوڪر اڳواٽ تياري آهي ته افغانستان سان لاڳاپيل علائقن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. انهن علائقن ۾ گذريل ويهن سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي ان جو الزام هندستان تي هنيو ويندو آهي، پوءِ اهي فاٽا جا علائقا هجن يا وري بلوچستان هُجي حڪومت اها ئي دعوى ڪندي رهي آهي ته انهن علائقن ۾ ٿيندڙ  دهشگرديءَ ۾ هندستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن، جڏهن ته ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاريءَ بعد ته اها ڳالهه انتهائي پڪ سان چئي وئي ته انهن ڪاررواين ۾ هندستان ئي ملوث آهي.

بلوچستان ۾ بعاوت ان وقت جنم وترو جڏهن 2006ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي حڪم تي هڪ فوجي ڪارروائي ڪري نواب اڪبر بگٽيءَ کي شهيد ڪيو ويو، حڪومت کي اها توقع نه هُئي ته نواب اڪبر بگٽيءَ جي شهادت تي ڪو ايترو رد عمل سامهون ايندو، هڪ وقت اهڙو به هيو جڏهن ڪوهلو کان وٺي گوادر ۽ جهٽ پٽ  تائين سمورو بلوچستان جنگ جو ميدا بڻيل هيو، جڏهن ته انهيءَ جنگ ۾ تيزي ان وقت آئي جڏهن واجه غلام محمد بلوچ ۽ ان جو هڪ ساٿي هڪ ڪارروائيءَ ۾ مارجي ويا، ان وقت کان وٺي حڪومت اهو فيصلو ڪري چڪي هُئي ته بلوچستان متعلق هر معاملو طاقت جي ذريعي حل ڪيو ويندو.

جڏهن نواب اڪبر بگٽي شهيد ٿيو ته جنرل پرويز مشرف جو دور هيو ، جڏهن واجه غلام محمد ۽ سندس ساٿي حملي ۾ مارجي ويا پيپلز پارٽيءَ جو دور هيو، ان بعد جڏهن منان بلوچ مستونگ ۾ هڪ ڪارروائيءَ ۾ مارجي ويو ته ان ان وقت نواز شريف جو دور هيو، يعني ان جو مقصد اهو ٿيندو ته اهڙا سمورا واقعا هڪ تسلسل سان ٿيندا رهيا آهن.

مان ڪيترائي دفعا چئي چڪو آهيان ته 2019ع ۾ ايڊيٽرن سان ملاقات دوران مون صدر عارف علويءَ کان هڪ سوال ڪيو هو ته ڇا، بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو ڳالهين جو رستو ڪڍيو ويندو يا وري طاقت جو استعمال ئي جاري رکيو ويندو. منهنجي سوال جي جواب ۾ صدر جو چوڻ هيو ته سيڪيورٽي ادارن جو چوڻ آهي ته انهن جي حڪمت عملي درست آهي ۽ هو ان ئي حڪمت عمليءَ ذريعي حالتن کي معمول تي آڻيندا، يعني بلوچستان جي مسئلي تي ٻه سال اڳ به ڳالهين ۽ مفاهمت جا رستا بند هيا. پر اوچتو ئي وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مسئلي تي ڳالهين ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ئي رات اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد وزيراعظم جي ڳالهين واري اهڙي عمل کي بريڪ ڪندي چيو هو ته اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون جن هندستان کان امداد ورتي آهي، هاڻي خدا ڄاڻي ته اهي ڪهڙا هٿيار بند ڌڙا آهن جن هندستان کان مدد ورتي آهي ۽ ڪهڙا ٽولا آهن جن امداد نه ورتي آهي، پر ان معاملي ۾ مختلف حڪومتن اڄ تائين پارليامينٽ  ذريعي عوام کي ڪنهن به نموني اعتماد ۾ نه ورتو آهي، جڏهن ته اهو ضرور چيو ويندو آهي ته بلوچ لبريشن آرميءَ جو سربراهه نوابزاده هربيار مري آهي، بلوچ ريپبلڪن آرميءَ جو سربراهه برهمداغ بگٽي آهي، جڏهن ته مهراڻ مري يونائٽيڊ بلوچ آرمي، جاويد مينگل لشڪر بلوچستان ۽ ڊاڪٽر نذر الله بلوچ لبريشن فرنٽ جو سربراهه آهي.

پر جيئن جيئن وقت گذرندو ٿو وڃي تيئن تيئن مري ۽ بگٽي ايريا ۾ ڇاپا مار ڪارروايون گهٽ ٿينديون ويون آهن يعني هربيار مري، مهران مري ۽ برهمداغ بگٽي جي گرفت ڪمزور ٿي وئي آهي اهڙي ئي نموني ساراوان ۾ ڪارروايون بولان تائين محدود آهن، اصل ۾ ميدان آواران ۽ مڪران آهي ۽ اهي ئي علائقا هٿيار بندن جي ڪنٽرول ۾ آهن جيڪڏهن اهي علائقا سي پيڪ جي روٽ تي نه هجن ها ته شايد حڪومت کي ڪابه ڳڻتي نه ٿئي ها، جڏهن ته انهن علائقن ۾ ڇڪتاڻ هجڻ ڪري تعمير ۽ ترقيءَ جو سمورو عمل رڪيل آهي. حڪومت ڏکڻ بلوچستان کي هڪ الڳ زون جوڙي ان زون ۾ پنهنجي موجودگي کي ناقابل بيان حد تائين اضافو ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ڪابه جڳهه نه آهي جتي حڪومت موجود نه هُجي پر ان جي باوجود انهن علائقن ۾ امن قائم نه پيو ٿئي.

اهڙي صورتحال ۾ هڪ نئين منصوبي جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن تحت نواب اڪبر بگٽيءَ جي پوٽي ايم اين اي شاهه زين بگٽيءَ کي مصالحت لاءِ مشير مقرر ڪيو ويو آهي، شاهه زين بگٽي اهڙين صلاحيتن جو مالڪ نه آهي جنهن معيار جو ان کي ڪم ڏنو ويو آهي، جيڪو ڪم سندس ڏاڏو نه ڪري سگهيو، نواب خيربخش نه ڪري سگهيو، سردار عطا الله مينگل نه ڪري سگهيو، ته پوءِ اهو ڪم شاهه زين بگٽي ڪهڙي نموني سرانجام ڏيندو. معلوم نه آهي ته هاڻي هو پنهنجي ڪم جي شروعات ڪٿان ڪندو، وڌ ۾وڌ هو جينيوا ۾ رهندڙ پنهنجي سوٽ سان رابطو ڪري سگهندو، پر جيڪي بلوچ پهاڙن تي آهن انهن سان هو ڪهڙي نموني رابطو ڪري سگهندو ، جڏهن ته اها ڳالهه به واضح نه آهي ته برهمداغ بگٽي ان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي به يا نه، پر اصل مسئلو هي آهي ته جيڪي بلوچ پهاڙن تان جدوجهد ڪري رهيا آهن اهي جلاوطن قيادت جي اثر ۾ نه آهن جڏهن ته اهي ماضيءَ ۾ به ڳالهين جي عمل کي رد ڪري چڪا آهن.

ڪيترن ئي تبصري نگارن جو چوڻ آهي ته حڪومت جلد ئي انهن ماڻهن لاءِ معافيءَ جو اعلان ڪندي، جيڪي سرينڊر ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته اڳيون حڪومتون پڻ اهڙا اعلان ڪري چڪيون آهن ته پوءِ آخر ڪار هن وقت تائين امن قائم ڇو نه ٿي سگهيو آهي. گذريل 15- سالن کان جاري اها جنگ انتهائي خطرناڪ جنگ آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ آباديءَ جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي جيڪڏهن حڪومت ڳالهين جي معاملي ۾ سنجيده آهي ته پوءِ حڪومت کي جاني نقصان جا تفصيل گڏ ڪرڻاپوندا ۽ حڪومت کي ٻڌائڻو پوندو ته جبري طور تي گم ڪيل بلوچن جو انگ ڪيترو آهي، جيڪڏهن حڪومت سنجيده آهي ته وزيراعظم عمران خان کي ٽي وي تي اچي خطاب ڪري بلوچ قوم کان معافي وٺڻي پوندي، مسنگ پرسنز کي آزاد ڪرڻو پوندو، بلوچن کي اقليت ۾ تبديل نه ڪيو ويندو، اهڙي نموني اها به ضمانت ڏيڻي پوندي ته بلوچستان جي وسيلن جي مالڪيءَ جو حق صوبي وٽ ئي هوندو.

جيڪڏهن حڪومت واقعي به سنجيده آهي ته ناراض بلوچن سان ڳالهين جو انعقاد ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ ڪيو وڃي، جيئن طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون قطر ۾ ٿيون آهن اهڙي ئي نموني جيڪڏهن بهتر ٿئي ته عرب امارات به ڳالهين لاءِ انتهائي مناسب ملڪ آهي، اڃان به بهتر ٿيندو ته ناراض بلوچن سان ڳالهين لاءِ اوسلو طرز تي غيرجانبدار مشيرن جي چونڊ پڻ ڪري سگهجي ٿي. پر جيڪڏهن حڪومت سنجيده نه آهي ته اهڙي صورت ۾ حڪومت وري طاقت جو استعمال ڪندي ۽ نتيجي ۾ ڪنهن به هڪ ڌر جي شڪست جي صورت ۾ نتيجا ظاهر ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.