چوٿون افغاني بحران

يوسف سيف

افغانستان لڳ ڀڳ اڌ صديءَ کان جنگي حالت ۾ ورتل آهي، ماضي ۾ سلطنت عثمانيه جي سرواڻي به افغانستان جي حصي ۾ آئي هئي. پنهنجي هنڌ ۽ ماڳ سبب به اهميت رکندڙ ملڪ آهي. غربت، مذهبي شدت پسندي جو لاڙو رکندڙ افغانستان جبلن ۾ گهيريل، معدني دولت سان مالا مال آهي. اهو سينٽرل ايشيا جو گيٽ وي به آهي. وڏين طاقتن جي وچ ۾ موجود هئڻ ڪري عرصي کان بحرانن جي ور چڙهيل رهيو آهي. 1979ع ۾ سوويت يونين جي داخل ٿيڻ سان جي0ڪو پهريون بحران شروع ٿيو، ان کان پوءِ عالمي قوتن جي ويڙهه ۽ زور آزمائي جو ميدان ٿي ويو، جنهن مان اڃا به آجو نه ٿي سگهيو آهي. 89-1988ع ۾ روس جي فوج نڪرڻ سان ٻيو بحراني دور شروع ٿيو. 2001ع ۾ آمريڪا جي افغانستان تي ڪاهه سان ٽيون ڀيرو بحران/ گهرو ويڙهه شروع ٿي. هاڻي 2021ع ۾ وري عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. عالمي ميڊيا، تجزئي نگار ۽ مفڪر وري چوٿين ڀيري افغانستان ۾ گهرو ويڙهه، بدامني ۽ بي يقيني واري امڪاني تصوير چٽي رهيا آهن.

1979ع ۾ افغانستان ۾ آيل تبديلي ۽ صورتحال خراب ٿيڻ بعد سوويت يونين جي فوج داخل ٿي. جواب ۾ آمريڪا پاران ڊالرن جو مينهن وسڻ لڳو، پاڪستان جي فوجي حڪومت پنهنجا پيٽ ڀريا گڏوگڏ سموري دنيا کي دعوت ڏئي، ”ڪافرن سان جهاد“ جو نعرو هنيو. افغانستان ۾ ختم نه ٿيندڙ ويڙهه شروع ٿي وئي. هڪ پاسي سعودي عرب، آمريڪا ۽ پاڪستان هئا. سامهون افغانستان سرڪار کي روس جي سڌي حمايت حاصل هئي. دنيا ۾ واويلا ٿي وئي. ان ”جهاد“ جو سڀني کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ٿيو.

1988ع ۾ جنيوا ٺاهه جي نتيجي ۾ روسي فوج ته واپس ٿي پر واندا ٿيل ”مجاهد“ پاڻ ۾ حساب چڪتو ڪرڻ ۾ لڳي ويا. هڪڙي ڌر اڃا مس ڪابل ۾ شاهي محل تي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائي ساهه پٽيندي هئي ته مٿان وري ڪو ٻيو ڪٽڪ اچي ويٺلن کي سَٽي ڪُٽي پنهنجي حڪمراني جي دعويٰ ڪندو هو. ٻن اڍائي ڏينهن ۾ وري ڪو ٽيون ڌڙو هٿياربندن سان ڪابل تي قبضو ڪري وٺندو هو. ان ۾ رواجي زندگي تباهه ٿي وئي.

نيٺ طالبان هڪ نجي واقعي کانپوءِ لڳ ڀڳ سموري ملڪ تي حاوي ٿي ويا. جنهن جي پٺڀرائي سعودي عرب ۽ پاڪستان ڪري رهيا هئا. هڪ مٿان ٻيو ڏچو هلندڙ ئي هو، ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ صورتحال سڌري نه هئي جو نائن اليون وارو واقعو ٿيو. آمريڪا جنهن ٻه ڏهاڪا اڳ ويڙهاڪن کي داڻو پاڻي ڏئي ميدان ۾ لاٿو هو، انهن تي نائن اليون جو الزام مڙهيو. مک ڏوهاري اسامه بن لادن کي قرار ڏنو. هي اهوئي اسامه بن لادن هو، جنهن کي آمريڪا، سعودي عرب ۽ پاڪستان وڏو ”مجاهد“ بڻايو هو. جنهن سوويت يونين جي ڪافرن خلاف پنهنجون ٽجوڙيون کولي ڇڏيون هيون. سعودي شاهي خاندان جي شهزادن سميت سموري دنيا مان شدت پسندن کي طلب ڪري، جنگي سکيا ڏئي، ڪافرن سان ويڙهايو ويو هو.

آمريڪا جو دادلو هاڻي ”وڏو ڏوهاري“ ٿي پيو، جيڪو افغانستان ۾ طالبان حڪومت وٽ ترسيل هو. آمريڪا، طالبان کي اسامه جي ٻانهن حوالي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي صورت ۾ حملي جو چتاءُ ڏنو. پاڪستان جو طالبان تي وڏو اثر هو، تڏهن پاڪستان تي چوٿون جنرل مارشل لا مڙهي ويٺل هو، جنرل مشرف صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ وچ وارو ڪم ڪيو پر پوءِ اهڙيون رپورٽون سڌ سماءَ جي زينب بڻيون ته مشرف اسامه کي پڪڙڻ ئي نه پئي چاهيو.

سيپٽمبر 2001ع تي آمريڪا افغانستان تي ڪاهه ڪئي. پاڪستان مان هڪڙا افعاني واپس ئي نه ويا هئا، جو ٻيا اچي پهتا. مذهبي نرسرين مان هزارين کٿابين، سکيا ورتل ويڙهاڪن وري سندرو ٻڌو، حالتون سڌرڻ بجاءِ ويتر بگڙجي ويون. افغانستان تي هن ڀيري سپر پاور آمريڪا قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستان جو فوجي حڪمران ”روز بهانا نوان نوان“ ڪندو، آمريڪا سان به کيڏندو رهيو ته طالبان کي به آسري ۾ رکندو آيو. آمريڪا وري ڊالرن جي برسات وسائي، جنرل مشرف چونڊي چونڊي گهربل ”دهشتگرد“ ڊالرن جي بدلي آمريڪا جي حوالي ڪندو رهيو.

پاڪستان ٻيهر افعانستان جي بحران سبب تلافي نه ٿي سگهندڙ جاني، مالي نقصان برداشت ڪيو. پاڪستان ۾ بدامني جي هڪ اهڙي لهر آئي جو سموريون حفاظتي تدبيرون/ اپاءَ سٽ نه سهي سگهيا. شدت پسندن جو تيار ٿيل فصل هاڻي لاڀ ڏئي رهيو هو، هر هنڌ دهشتگرد پکڙجي ويا، ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو محفوظ نه هو. عدم تحفظ، بدامني، معاشي مسئلن، مهانگائي، لساني، مذهبي ورڇ معاشري جي بنيادن کي ڌوڏي ڇڏيو.

هاڻي وري ويهه سال پورا ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ آمريڪا جي فوج افغانستان مان واپس پئي وڃي. ان کانپوءِ ڇا ٿيندو، اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو ڪنهن وٽ به ڪو جواب نه آهي. آمريڪا طالبان سان لاڳاپا قائم ڪري سڌيون ڳالهيون ڪيون آهن. افغانستان طالبان کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي. هي چوٿون افغانستان جو بحران آهي، جيڪو هلندڙ آهي قبائلي نظام ۾ جڪڙيل، مذهبي شدت پسند معاشرتي جوڙجڪ، پسمانده ملڪ کي هرڪو پنهنجي مفاد لاءِ ڪتب آڻڻ چاهي ٿو. هن ڀيري افغاني شهرين کي ڪير استعمال ڪندو، ان جي پڪ ناهي پر نقصان سڀني کان وڌيڪ هڪ ڀيرو وري به پاڪستان جو ٿيڻو آهي،  ان ۾ ڪو شڪ نه آهي.

پاڪستان جي موجوده حڪومت به اڳوڻين حڪومتن جيان حالتن جو پورو ادراڪ نٿي رکي، ان جي اوليت ڪا ٻي آهي. افغانستان جي صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. اڳي طالبان تي جيڪو اثر هو، سو به هاڻي نه رهيو آهي. چين جي خطي ۾ وڌندڙ اثر، آمريڪا جي پاليسين، پاڪستان کي وڌيڪ سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. غير واضح، مبهم ۽ اڻ چٽي  پاليسي هڪ ڀيرو وري ڪنهن نئين خطرناڪ صورتحال جو اشارو ڏئي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.