وزيراعظم سان سرفراز بگٽي جي ملاقات، ناراض بلوچن بابت ڳالهيون

اسلام آباد (م ڊ) ناراض بلوچن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي کي ملاقات جي لاءِ گهرايو.. ان موقعي تي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ به موجود هو.ذريعن موجب ان ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ۽ ناراض بلوچن سان ڳالهين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بلوچستان م حڪومت جي ترقياتي پيڪيج جي معيشت ۽ عام ماڻهو جي زندگي تي مثبت اثرن ۽ گڏيل طور تي امن امان جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جي بهتري لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم جي فيصلي تي به صلاح مشورا ڪيا ويا. جڏهن ته سينيٽرن وزيراعظم جي فيصلن جي تعريف ڪندي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.