پاڻي کوٽ اتفاقي نه پر سازش آهي: نواز خان زئور

حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته ارسا ۽ واپڊا جي غلط، جانبدار ۽ پنجاب کي فائدو ڏيڻ وارين پاليسين ۽ فيصلن سبب سنڌ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي،  پاڻي جي کوٽ ڪو اتفاق ناهي، پر سوچيل سمجھيل سازش آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زراعت تباهه ٿيڻ سان گڏ ڊيلٽا جي تباهي ٿي وئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هاڻي واپڊا چيئرمين به اقرار ڪيو آهي ته پاڻي جي کوٽ سبب انڊس ڊيلٽا تباهي جي ور چڙھي ويو آهي. اسان چئون ٿا ته ڊيلٽا جي تباهي جو سبب واپڊا، ارسا، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت آهن. ڊيلٽا جي بحالي لاءِ سنڌ بئراج ٺاهڻ جي نه، پر ڇوڙ ۾ ساليانو ٣٥ ملين ايڪڙ پاڻي ڇڏڻ جي ضرورت آهي، نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته پاڻي جو مسئلو ڊيمن ٺاهڻ  سان به حل نه ٿيندو، مسئلي جي حل لاءِ سنڌو درياهه جو فطري وهڪرو بحال ڪرڻ لازمي ۽ واحد حل آهي، هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال سبب افغان پناهگيرن جي امڪاني لوڌ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت اڳواٽ اپاءَ وٺي، سنڌ ڌارين جو وڌيڪ بار برداشت ڪري نٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.