سنڌ پوليس ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ نئون سسٽم آڻڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ  جي سنڌ پوليس شڪايتن جي ازالي لاءِ وزيراعظم پورٽل جهڙو ڪمپلين سسٽم سنڌ پوليس ۾  متعارف ڪرائڻ جواعلان ڪيوآهي، آءِ جي مشتاق احمد مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ مرڪزي نظام آڻي رهيا آهيون، شهري جيڪا شڪايت ڪندا سي سڀ ڏسي سگهندا سسٽم ۾ درخواست لاڳاپيل کاتي ڏانهن موڪلي ويندي، هن چيو ته سنڌ پوليس کي مڪمل آئي ٽي بيس تي هئڻ گهرجي، سڀ کان پهرين، جاچ شعبي لاءِ هڪ منظم نظام قائم ڪيو ويندو،ھن چيو ته ڪيس ڪهڙي مرحلي تي آهي، ايندڙ پيشي ڪڏهن آهي، ڪھڙو آفيسر ٻڌڻي تي ويو ڪھڙو آفيسر نه ويو،  ايڇ آر ايم آءِ  ايس سسٽم ٿاڻن جي سطح تائين اپڊيٽ ٿيڻ گهرجي،  اپڊيٽ نه  ٿيڻ جي صورت ۾ ايس ايڇ او کان ويندي ڊي آءِ جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.