پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي، منشيات هٿ، 5 گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) رينجرس ترجمان موجب رينجرس ۽ پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ضلعي ڏکڻ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي  منشيات جي اسمگلنگ ۽ منشيات فروشي ۾ ملوث 5 جوابدارن خيال محمد،  عبدالحميد، زرنواز، عرفان ۽ ذاڪر کي گرفتار ڪري ورتو،  جوابدارن جي قبضي مان 12 بور شاٽ گن،93 ڪلو گرام چرس، 300 گرام ھيروئن ۽ ٻي منشيات هٿ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.