ڪراچي جي نالن جو معائنو، غفلت برداشت نه ڪبي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر )  سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي  صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، مرڪزي ضلعي ج ي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ۽ ڪي ڊي اي چورنگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي نالين جي صفائيواري ڪم جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر دانش سعيد ۽ ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل ضلعي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب کي علائقي ۾ ترقياتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. مرتضيٰ وهاب فائيو اسٽار چورنگي، ناگن چورنگي، فور ڪي چورنگي نالا،  7000 نالا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جو دورو ڪيو. ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته برسات کان اڳ سڀني نالين جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ شھرين کي ڪا به شڪايت نه ھئڻ گھرجي. ھن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.  هن چيو ته نالين جي صفائي تيزي سان جاري آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته نالين ۾ گندگي اڇلائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ناليون چوڪ ٿي وينديون ته ان سان سڀني کي پريشاني ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.