آگسٽ ۾ استادن جي ڀرتي ٽيسٽ، سي سي ٽي وي ڪئمرائن جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي استادن جي ڀرتين لاءِ سمورن ٽيسٽ سينٽرن ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن   ته امتحان آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن،اهڙو اظهار گذريل ڏينهن تعيلم واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڪيو ويو،اجلاس ۾ تعليم وارو سيڪريٽري احمد بخش ناريجو ۽ وي سي سکر آءِ بي اي سيد مير محمد شاهه شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ٽيسٽ جو طريقڪار،اميدوارن جي بائيوميٽرڪ حاضري صاف ۽ شفاف جاچ تي تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي وئي،اجلاس ۾ تعليم واري وزير کي  سنڌ ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي 46 هزار 500 کان وڌيڪ خالي پيل جاين لاءِ ملندڙ 5 لک درخواستن ۽ ان جي ٽيسٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي،  بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ، حيدرآباد ، سکر ، شهيد بينظير آباد ، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ ٽيسٽ ڪيا ويندا،ان موقعي سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني هدايت ڪئي ته سمورن اميدوارن کي مڪمل طور تي ٽيسٽ  ڪرائڻ جا موقعا ملي سگهن، هن اها به هدايت ڪئي ته ٽيسٽ ۽ نتيجن کي شفاف بڻائڻ ۽ ان جا ميرٽ تي نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن، پهرين مرحلي ۾ پي ايس ٽي لاءِ ٽيسٽ ۽ ٻئي مرحلي ۾ جي ايس ٽي لاءِ ٽيسٽ هوندا.ان موقعي تي وائيس چانسلر آءِ بي اي سکر مير محمد شاهه چيو ته امتحان آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ متوقع آهن، اميدوار آءِ بي اي سکر جي ويب سائيٽ تي جوابي شيٽ پاڻمرادو چيڪ ڪري سگهندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.