قاضي احمد واسي پورهيت جي بازيابي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

ڪراچي  (رپورٽر) ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل قاضي احمد واسي پورهيت نوجوان راشد سيال بازياب نه ٿي سگهيو، نوجوان جي والد محمد الياس سيال  ڊسٽرڪٽ ايندسيشن جج ملير جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، موقف اختيار ڪيو ته اغوا ڪندڙ ڌاڙيل فون ذريعي 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آھن، عدالت نوٽيس جاري ڪندي 17 جولاءِ تي ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف ٽائون  کي طلب ڪري ورتو، عدالت پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ پوليس کي ھدايت ڪندي حڪم جاري ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿي واقعي جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.