نيب جو اهو ڪيس ئي ناهي ته شاهد خاقان عباسي ڪي مالي فائدا ورتا: تفصيلي فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب جو اهو ڪيس ئي ناهي ته شاهد خاقان عباسي ڪي مالي فائدا ورتا، اين اين جي ٽرمينل ۾ ڪنهن غير شفافيت جو تڪرار ئي ناهي، ايل اين جي ٽرمينلز جي منظوري واسطيدار فورزم ڏني. فيصلي موجب ايل اين جي ڪنلسٽنٽ کي في آمريڪي اداري طرفان ادا ڪئي وئي هئي، شاهد خاقان عباسي جي هدايتن تي ڪنسلٽنٽ جي مقرري جو نيب ڪو به رڪارڊ پيش نه ڪري سگهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي خلاف هڪ ئي مواد پيٽرول واري اڳوڻي سيڪريٽري جو وعدي معاف گواهه طور بيان آهي، وعدي معاف گواهه جي بيان جي حيثيت ۽ نيب چيئرمين طرفان مليل معافي تي هاڻي ڪا به آبررويشن نه پيا ڏيون. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايل اين جي ٽرمينل عوام مفاد هو يا نه؟ ان تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي، نيب نه ٻڌايو سگهيو ته شاهد خاقان کي وڌيڪ گرفتاري هيٺ رکڻ ڇو ضروري آهي.03

مهانگائي جو زور نه ٽٽي سگهيو، وڌيڪ 23 کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون

آباد (م ڊ)هلندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون 23 شيون مهانگيون، 9 سستيون جڏهن ته 19 جا اگهه پنهنجي جاءِ تي مقرر رهيا. شماريات واري وفاقي اداري مهانگائي جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ثابت ٿيو آهي ته 2021-22 واري وفاقي بجيٽ جا اثر مهانگائي ۾ مسلسل واڌ جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا رهيا آهن.بجيٽ لاڳو ٿيڻ واري ڏينهن پهرين جولاءِ تي ختم ٿيڻ واري هفتي دوران به مهانگائي جي شرح ۾ 0.53 سيڪڙو واڌ ٿي هئي جڏهن ته گذريل هڪ هفتي ۾ کنڊ، پٽاٽو، ٽماٽو، آنا، بصر، ٿوم، ٻاڪرو گوشت، وڏو گوشت، سايون ڀاڄيون، گيهه، ايل پي جي، صابڻ، چڻن جي دال ۽ تازي کليل کير سميت مجموعي طور ضرورت وارين 23 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مڱن جي دال، ماش جي دال، ڪڪڙ جي گوشت، اٽي ۽ مسور جي دال سميت 9 شيون سستيون ٿيون آهن جڏهن 19 ضرورت واري شين جا اگهه ساڳيا ئي رهيا. ڳڻاٺي واري اداري مهانگائي جي حوالي سان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي دوران ٽماٽا 11.51، پٽاٽا 2.04، بصر 4.85، ٿوم 8.31، کنڊ 2.60، آنا 1.67 سيڪڙو مهانگا ٿيا آهن جڏهن ته مسور جي دال 0.34، مڱن جي دال 1.81، ماش جي دال 0.51 ۽ اٽو 0.22 سيڪڙو سستا ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.