لاڙڪاڻي سينٽرل جيل جا قيدي سپرينٽينڊنٽ جي معطليءَ خلاف سراپا احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جا قيدي جيل سپرينٽيڊنٽ جي معطلي خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا، قيدي جيل جي بيرڪن جي ڇت تي چڙهي بسترن ۽ ڪاٺين کي باهه ڏئي معطل ٿيل جيل سپرينٽيڊنٽ جي ٻيهر مقرري جو مطالبو ڪندي ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ خلاف سنگين لڳائي ڇڏيا، 24 ڪلاڪن جي مسلسل احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، لاڙڪاڻي جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته قيدين جي جائز مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ موبائل فون ۽ ٻيون منع ٿيل شيون هٿ اچڻ واري معاملي تان گهرو کاتي طرفان معطل ڪيل جيل سپريٽيڊنٽ لياقت علي پيرزادو جي معطلي ۽ ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ نظر محمد گاد کي چارج حوالي ڪرڻ خلاف قيدين ڪالهه ٻئي ڏينهن به بيرڪن جي ڇتين تي چڙهي ڪپڙن ۽ ڪاٺين کي باهه ڏئي ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي انهن جيل انتظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي قيدين قادر اهير، بشو شابراڻي، ضمير ابڙو، محمد علي کوکر، محمد علي چانڊيو ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سپريٽيڊنٽ لياقت علي پيرزادو کي بنا ڪنهن ڏوهه ۽ غلطي جي معطل ڪري هڪ راشي ۽ ڪرپٽ آفيسر کي چارج ڏني وئي آهي جنهن احتجاج ڪرڻ تي اسان جو کائڻ پيئڻ ۽ ٻيون گهربل سهولتون بند ڪري رات کان اسان جي بيرڪن جي بجلي بند ڪري احتجاج ڪرڻ تي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪو هر قيدي کي پنهنجي من پسند بيرڪ ۾ موڪلڻ لاءِ کانئنس 5 کان 6 هزار وٺي جيل اندر رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري اسان قيدين جي جانين کي سخت خطرو آهي. هنن چيو ته اسين جيل سپريٽيڊنٽ جي بحاليءَ لاءِ گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل احتجاج پيا ڪريون پر سنڌ سرڪار توڙي لاڳاپيل اختياريون خاموش آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. احتجاج ڪندڙ قيدين سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي جيل ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معطل ٿيل جيل سپريٽنڊنٽ لياقت علي پيرزادو کي بحال ڪري ڊپٽي جيل سپريٽيڊنٽ کي ٻئي هنڌ مقرر ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت اسين ٽوٽل نه ڏيڻ سميت اڻ ڄاتل مدي تائين بک هڙتال ڪري احتجاج ڪنداسين جنهن جي ذميواري جيل انتظاميه مٿان هوندي. هوڏانهن لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين جو گذريل 24 ڪلاڪن کان مسلسل احتجاج پڻ جاري هو جنهن جو لاڳاپيل اختيارين اڃان تائين نوٽيس ناهي ورتو جنهن سان ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي هو. لاڙڪاڻي جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته قيدين جي جائز مسئلن کي حل ڪري کين قانون موجب رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.