منهنجي هوندي قرآن ۽ سنت خلاف قانون نٿو ٺهي سگهي: اسد قيصر

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته منهنجي هوندي قرآن ۽ سنت خلاف ڪو به قانون نٿو ٺهي سگهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران جماعت اسلامي جي ميمبر  مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته گهريلو تشدد روڪڻ لاءِ بل اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي موڪلڻو هو پر  نه موڪليو ويو اهي، موٽ ۾ اسپيڪر چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ وڌيڪ مشاورت ۽ پڙهڻ لاءِ  سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، ڪجهه قانوني راءِ ضروري هئي جلد بل ڪائونسل کي موڪليو ويندو، منهنجي هوندي قران ۽ سنت خلاف ڪو به قانون نٿو ٺهي سگهي، جڏهن ته وزير اعظم جي به واضح هدايت آهي ته قران ۽ سنت خلاف ڪا به قانون سازي نه ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.