لاهور هاءِ ڪورٽ ججن کي سوشل ميڊيا جي استعمال کان روڪي ڇڏيو

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀَٽي جي منظوري کانپوءِ ضلعي عدليه جي ججن کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي عدليه جا جج سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي استعمال کان پاسو ڪن،  ماتحت عدليه جي ججن کي سمورن غيرسرڪاري واٽس ايپ گروپن ۾ شامل ٿيڻ کان به روڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ضلعي عدليه ۾ موجود ڪجهه عنصرن جي ڪري عدالتي وقار خراب ٿي رهيو آهي، تنهنڪري جوڊيشل آفيسرن کي پنهنجي سماجي زندگي محدود ڪرڻي پوندي. ضلعي عدليه جا جج رڳو آفيشل واٽس ايپ استعمال ڪري سگهن ٿا.غيرسرڪاري واٽس ايپ گروپن ۾ معلومات شيئر ڪندڙ ججن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.