وفاقي وزير گنڊاپوري جي پئسا ورهائڻ جي وڊيو وائرل، آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو

مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ڪنهن جي  به حمايت ۾ حڪومتي وسيلا استعمال نه ڪيا وڃن.وفاقي وزيرن کي چونڊ اصلاحن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان جي نالي لکيل خط تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) عبدالرشيد سلهريا گذريل ڏينهن ميرپور ۾ چونڊ جلسي دوران علي امين گنڊاپوري طرفان پئسن جي ورهاست واري معاملي جو نوٽيس وٺندي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سياسي پارٽي جي حمايت يا مخالفت ۾ حڪومتي وسيلا استعمال نه ڪيا وڃن.آئنده جنهن  اميدوار جي تڪ ۾ ڀڃڪڙي ٿي اتان جي اميدوار کي نااهل قرار ڏنو ويندو. خط ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته صوبائي وزيرن کي به آزاد ڪشمير چونڊ 2021 جي قانونن تي پابندي جي هدايت ڪئي وڃي. اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير چونڊن کي صاف شفاف منعقد ڪرڻ کي يقيني بنائي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.