بهتر هو ته گورنر صاحب سنڌ جي ڳالهه ڪري ها: ناصر شاهه

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه  چيو آهي ته ادارن طرفان شڪايت ڪئي وئي آهي ته غيرملڪين کي نيشنلٽي ڏني وئي آهي، ڪراچي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري معمولي ڳالهه آهي جنهن کي وڌائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران ڪيو، هن چيو ته ٻيلي کاتي جي لکين ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪرائي اتي هاڻي وڻ پوکيا پيا وڃن، تمام گهڻي زمين روينيو انتظاميه پاران ڏني وئي هئي جنهن کي خالي ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي اسان پنهنجو به ايڊمنسٽريٽر لڳائي سگهون ٿا، سٺو اهو ٿئي ها ته گورنر صاحب سنڌ جي ڳالهه ڪري ها، اسان وٽ هڪ تجويز آئي هئي جنهن تي گور ڪيو پيو وڃي ۽ مرتضيٰ وهاب تمام سٺو ماڻهو آهي پر ان جي غلطي صرف اها آهي جو هو ڀٽو جو نعرو هڻندو آهي، اسان اڃان تائين اهڙو فيصلو ناهي ڪيو هاڻي جيڪڏهن مرتضيٰ وهاب جو نالو اچي ويو آهي ته ان کي ڀرپور سپورٽ ڪنداسين، توهان عوام کان پڇيو ته ڇا هو موجوده حڪومت مان خوش آهي، جيڪڏهن عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويندو ته پوءِ اهڙي حڪومت جو رهڻ به مشڪل ٿي ويندو، هن چيو ته ان ڳالهه تي هاڻي سڀ ڪوئي متفق آهي ته عوام دشمن حڪومت جو خاتمو آندو وڃي،سکر جا حالات ايترا خراب نه آهن، پر پوءِ به صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ايس ايس پي سکر ۽ آءِ جي سان ڳالهايو  آهي، صحافي پاران سيد ناصر شاهه کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان خلاف به نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت جاچ شروع ڪري ڏني آهي جنهن جي جواب ۾ سيد ناصر شاهه چيو ته نيب جو ليٽر آيو آهي، معمولي ۽ پراڻي ڳالهه آهي اسان ادارن سان هر تعاون ڪنداسين، هن چيو ته  ريلوي جي ايراضي تي رهندڙ ماڻهن کي متبادل جڳهه فراهم ڪئي وڃي، ايم ايل ون تي ڪم ڪرڻو آهي ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي مڪمل طور سپورٽ ڪندي، انتظاميه سميت ٻئي عملي کي ڪينٽ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو آهي، رهائشين کي ڪنهن به صورت ۾ متبادل ڏيڻ کان سواءِ هٽايو نه ويندو.

ڪراچي ۾ سياسي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري مناسب ناهي : گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ سياسي ايڊمنسٽريٽر جي مقرري وارو  فيصلو مناسب ناهي، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گورنر هائوس ۾ وزير اعظم عمران خان جي موجودگي ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئي ٿيو ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر غير سياسي هوندو جيڪو حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين  جي مشاورت سان مقرر ٿيندوپر سنڌ حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو ڪنهن به طرح مناسب ناهي،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي عوام جا مسئلا بنيادي نوعيت جا آهن ۽ انهن جو حل انتهائي ضروري آهي، هن وقت سنڌ ۾ ماڻهن جون نظرون عمران تي آهن ماڻهو تبديلي ٿا چاهين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.