پناهگيرن سان دهشتگرد اچڻ جو خدشو، افغان طالبان اڀريا ته ٽي ٽي پي مضبوط ٿيندي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) قومي سلامتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي افغان پناهگير اچڻ سان دهشتگردي جو خدشو ڏيکاريندي چيو آهي ته افغان طالبان جي اڀرڻ سان به ٽي ٽي پي اڀري سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جي قومي سلامتي بابت مشير ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پناهه گيرن ذريعي افغانستان مان ڪارروائي ڪندي. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر شيري رحمان جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ قومي سلامتي جي صلاحڪار معيد يوسف پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته افغانستان ۾ حالتون درست ناهن، جيڪو اتي ٿي رهيو آهي اسان ان تي ضابطو نٿا آڻي سگهون. اسان چوندا آهيون ته افغانستان ۾ امن نه هوندو ته پاڪستان ۾ امن نه هوندو. هن ٻڌايو ته حڪومت مستقبل جي حوالي سان مختلف سوچي رهي آهي، افغانستان ۾ سلامتي امن کانسواءِ ممڪن ناهي، آمريڪا نيڪالي ڪري چڪو آهي جيڪا جسماني نيڪالي کان وڌيڪ نفسياتي نيڪالي آهي ۽ اسان کي ڪوشش ڪرڻي آهي ته گهرو ويڙهه جي صورتحال پيدا نه ٿئي. معيد يوسف جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال وڌندي، ان خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پناهه گير لڪي ڪارروايون ڪري سگهن ٿا ۽ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سڀ پناهگير آهن يا انهن ۾ ٽي ٽي پي به آهي. ڪميٽي جي ميمبر مشاهد حسين چيو ته ڇا گلگت بلتستان ۾ طالبان اچي ويا آهن ڇا، جنهن تي معيد يوسف چيو ته ڀارت واويلا پيو ڪري. طالبان جي گلگت بلتستان ۾ منظم موجودگي ناهي، ڀارت ان پاڪستان مخالف پروپئگنڊا جي مالي مدد پيو ڪري، پر ايجنسين گرفتاريون ڪيون آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان تي آڱر کڻندڙ آمريڪا اڄ چئي رهيو آهي ته پاڪستان اسان جو مددگار ۽ اڏاوتي ڀائيوار آهي.  اجلاس ۾ ڳالهائيندي شيري رحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان کي وڏا خطرا لاڳو آهن، افغانستان جي مسئلي تي سڀني کي ڳڻتي آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سياسي اڳواڻن جي راءِ هئي ته افغان صورحال تي سيڪيورٽي ادارا اعتماد ۾ وٺن، قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ  بريفنگ ڏني، آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪميٽي اجلاس ۾ سوالن جا جواب به ڏنا، عيد کان اڳ قومي سلامتي  ڪميٽي جي هڪ ٻي ويهڪ به ڪنداسين. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو آهي، اِهو تاثر درست ناهي، آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو ته پاڪستان اسان جو مددگار ۽ اڏاوتي ڀائيوار آهي، اِهو آمريڪا چئي رهيو آهي جيڪو اسان تي آڱر کڻندو هو، هو چئي رهيا آهن ته اڄ افغانستان ۾ اسان جي منزل هڪ آهي يعني افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام، هن چيو ته پاڪستان سان ڀائيواري رڳو افغانستان تائين محدود ناهي، اِهي لاڳاپا افغانستان کان اڳتي ويندا. هن ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ته آمريڪا چوي ٿو ته فوجي نيڪالي 31 آگسٽ تائين مڪمل ٿي ويندي، هڪ دلچسپ تبديلي ڏسي رهيا آهيون، عالمي ڪردار ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪا آهن ته افغانستان جو فوجي حل ناهي، اِهو ئي عمران خان چيو ته هن کي طالبان خان چيو ويو، اڄ دنيا به ان نتيجي تي پهتي آهي ته واحد حل امن ۽ مفاهمت آهي.سندس چوڻ هو ته هن وقت افغانستان ۾ ڪا به اهڙي شخصيت نظر نه پئي اچي جيڪا سڀني کي گڏ ڪري سگهي، آمريڪا جو جن سان اُٿڻ ويهڻ رهيو آهي انهن تي اسان جو اثر ناهي، افغان صدر اشرف غني چيو رهيو آهي ته طالبان سان گڏ ويهي حڪومت بڻائڻ لاءِ تيار آهيون پر طالبان کي اشرف غني تي خدشا آهن. هن چيو ته اسان اڪيلا افغانستان جا ٺيڪيدار ناهيون. ازبڪستان وڃي رهيو آهيان، اتي چوندس ته افغانستان ۾ خرابي جو ذميوار پاڪستان کي قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته طالبان ڏاڍا اسمارٽ ۽ ذهني طور تي به الرٽ آهن، طالبان جي ظاهري حالت تي نه وڃو، طالبان سان ڳالهيون ڪيون ته هنن انگريزي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ اسان جي ڳالهه کي پئي سمجهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.