افغان سرزمين ٽئين ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ جي ضمانت ڏيون ٿا: طالبان

ڪابل (م ڊ) طالبان ايران بارڊر سان ڳنڊيل افغان صوبي هرات جي علائقي اسلام قلعه تي به قبضو ڪري ورتو، ميڊيا رپورٽس موجب، اسلام قلعه ۾ مقرر افغان فوجي پناهه وٺڻ لاءِ ايران جي حدن ۾ داخل ٿي ويا، ان کان اڳ وچ ايشيائي سرحدي رياستن سان ڳنڊيل صوبن ۾ به ڪجهه علائقن تي طالبن قبضو ڪري ورتو آهي، هرات جي علائقي اسلام قلعه تي قبضي بعد اطلاع اهڙي وقت تي آيا جڏهن طالبان جو هڪ وفد ڳالهين لاءِ ايران دوري تي هو.هوڏانهن ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طالبان اڳواڻن شهاب الدين دلاور۽ سهيل شاهين  چيو آهي ته افغانستان ۾ داعش کي روڪڻ لاءِ سمورا قدم کڻنداسين، هنن چيو ته افغانستان جي 85 سيڪڙو حصي تي طالبان جو ڪنٽرول ٿي چڪو اهي ۽ طلبان جي قبضي وارن علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون  معمول موجب ڪم ڪري رهيون آهن، روڊن تاناچ وڃ توڙي  ڪاروباري سرگرميون به جاري آهن، افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٽيئن ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ جي ضمانت ڏيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.