ڊاڪٽر اسد الله پنجون ڀيرو خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسيپال مقرر، سينيئر پروفيسرن جو عدالت وڃڻ جو اعلان

خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال )خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسيپال ڊاڪٽر اسدالله مهر جو چوٿون  ڀيرو ڪانٽريڪٽ جو مدو پورو،وائيس پرنسيپال سميت سينئر پروفيسرس نظر انداز ،سينئر پروفيسر ڊاڪٽر علي گوهر بوزدار پاران عدالت وڃڻ جو اعلان،  ڊاڪٽر اسدالله مهر پنجون  ڀيرو ڪي ايم سي ۾ پرنسيپال جي عهدي تي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري، مليل ڄاڻ موجب خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسيپال ڊاڪٽر اسدالله مهر جو 4 ڀيرو ڪانٽريڪٽ وارو مدو پورو ٿيڻ بعد سينئر وائيس پرنسيپال ڊاڪٽر خوشي محمد سوهو سميت سينئر پروفيسرن کي نظر انداز ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت سياسي آشيرواد هجڻ لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر اسدالله مهر کي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي 5 ڀيرو خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسيپال مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي،اهڙي عمل خلاف ڪي ايم سي جي سينئر پروفيسر ڊاڪٽر علي گوهر بوزدار پاران ڊاڪٽر اسدالله مهر کي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ 5 ڀيرو پرنسيپال مقرر ڪرڻ واري آرڊر جي مخالفت ڪندي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسرن ،ڊاڪٽرن ،عملي ۾ سخت مايوسي  پکڙيل آهي، هن سلسلي ۾ خيرپور جي سماجي اڳواڻن شاهنواز عباسي، ايڊوڪيٽ عبدالرزاق ميتلو، ايڊوڪيٽ زين العابدين ،ايڊوڪيٽ راجا خان ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر اسدالله مهر  خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسيپال جي عهدي تان سال 2017 ۾ رٽائرڊ ٿي ويو هو، جنهن بعد سياسي آشيردواد حاصل هجڻ ڪري رٽائرڊ هجڻ باوجود هن جي ڪانٽريڪٽ واري مدي ۾ 5 ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪو فيصلو  عدالتي حڪمن جي خلاف آهي، هنن جو چوڻ هو ته اسدالله مهر جي پرنسيپال واري پيرڊ دوران پي ايم ڊي سي اسلام آباد جي ٽيمن ڪي ايم سي جا دورا ڪندي انتظامن تي خدشا ظاهر ڪيا هئا، جڏهن ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج کي ڊاڪٽر اسدالله مهر سياسي حڪمن جو گهر بڻائي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، هنن اهو پڻ چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون نواب خان وساڻ جي ڪوششن سبب اڄ ڪي ايم سي جا نالو آباد آهي ٻئي صورت ڊاڪٽر اسدالله مهر ۽ هڪ سياسي هائوس ڪي ايم سي کي ٻوڙي ڇڏيو هو، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته   سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ رٽائرڊ آفيسرن جي مدي ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي  ميرٽ ۽ سينارٽي جي بنياد تي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جو نئون پرنسيپال مقرر ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.