شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي شاگردن جو ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ٽن شاگردن اڳواڻن جي داخلا معطل ڪري ڇڏي،سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو يونيورسٽي انتظاميا خلاف احتجاج ڌرڻو، خبر موجب ڪراچي ۾ قائم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي خلاف انتظاميا ايڊيشنل ڪورس جي معاملي تي سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽس فيڊريش جي آرگنائيزر عرض محمد لهر، اڪمل جکراڻي ۽ آزاد بيهڻ جي داخلا معطل ڪري ڇڏي آهي،يونيورسٽي انتظاميا جي ڪارروائي خلاف سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن طرفان جلال شاهه، رحمت پتافي،جهانگير شمس،هما عباسي ۽ ارجن باگڙي جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي گيٽ تي احتجاج ڪيو، شاگرد يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعري بازي ڪندي گيٽ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته لا يونيورسٽي انتظاميا ايڊيشنل ڪورس گهرڻ تان شاگردن تي ڏمرجي پئي آهي،ٽن شاگردن جي داخلا حق گهرڻ تي معطل ڪئي وئي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شاگردن جي معطل ڪيل داخلا بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندا.

يونيورسٽي جو ماحول خراب نه ڪندا شاگرد لکت ۾ ڏين: انتظاميا

ڪراچي: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جي ترجمان چيو آهي ته شاگردن کي يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو،جيڪڏهن شاگرد اڳتي ماحول خراب نه ڪرڻ لاءِ لکت ۾ ڏيندا ته معاملو حل ٿي ويندو، عوامي آواز سان ڳالهائيندي يونيورسٽي جي ترجمان اخگر انوار اعواڻ چيو ته ايڊيشنل ڪورسز شاگردن جي مطالبي تي ئي ڪرائي رهيا آهيون جيئن شاگردن جو وقت بچي،شاگردن سان جيڪو به مسئلو آهي ته استادن سان رابطو ڪن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا،هن چيو ته  يونيورسٽي اڃا تائين شروعاتي مرحلي ۾ آهي ان ڪري شاگردن جا احتجاج قبول نٿا ڪري سگهون،شاگردن  پاران ڌرڻو  هنيو ويو ته استادن کين سمجهايو پر شاگردن بداخلاقي ڪئي،استادن سان بداخلاقي قابل قبول ناهي،هن چيو ته يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شاگردن اهڙو احتجاج ڪيو جنهن تي وي سي صاحب جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪجهه شاگردن خلاف ڪارروائي ڪئي،جيڪڏهن شاگرد انتظاميا کي لکت ۾ ڏين هو آئيندا ائين نه ڪندا ته معاملو حل ٿي سگهي ٿو،شاگردن جو اهڙو رويو اسان جي يونيورسٽي سميت ڪٿي به قبول نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.