ڪراچي ۾ ٽن ڌار ڌار واقعن ۽ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ٽن ڌار ڌار واقعن ۽ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، سائيٽ ايريا سيمنس چورنگي ۾ نادرا آفيس ڀرسان روڊ حادثي ۾ 25 ورھين جو نوجوان معيز ولد محمد اڪرم فوت ٿي ويو، لياري کڏا مارڪيٽ اقصيٰ مسجد ڀرسان گهر مان 22 ورهين  جي صدام ولد صديق جو ڦاهو لڳل لاش هٿ ڪيو ويو،شروعاتي جاچ موجب نوجوان خودڪشي ڪئي آهي، ايم اي جناح روڊ تي 7 ڊي اسپتال ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 30 سالن جو نامعلوم نوجوان فوت ٿي ويو،  لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.