` ڪشمور ويجهو اغوا ٿيل کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي پوليس دعويٰ

ڪشمور( ڊر ) ڪشمور ويجھو پنجاب جي ماڇڪي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي مان چار ڏينھن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل کير وڪرو ڪندڙ پورهيت عبدالغفار آرائين کي ڏوهارين سان مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي ڪشمور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته گذريل ڏينهن مغوي نوجوان جا وارث پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي ۾ ويا ۽ ڏوهارين کي منٿون ڪيون جنهن بعد ڌاڙيلن نوجوان کي ڇڏي ڏنو آهي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڏوهارين کان راڄوڻي طريقي سان ڊيل تحت نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو آهي ٻئي پاسي ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل عبدالغفار آرائين پنهنجي گهر پھچي ويو آهي نوجوان جي گهر پهچڻ تي والدين ۽ مٽن مائٽن گلن جا هار پارايا ۽ خوشي جو اظهار ڪندي مبارڪون پيش ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.