دادو ۾ هوٽل تي ويٺل شخص گوليون هڻي قتل

دادو(ڊ ر ) دادو ويجهو هٿياربندن گوليون هڻي 50 ورهين جي شخص کي قتل ڪري ڇڏيو،ڳوٺ خاصا چانڊيا ۾ هوٽل تي ويٺل 50 ورهين جي لال بخش پٽ شادي خان شاهاڻي مٿان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ لال بخش پٽ شادي خان شاهاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال دادو مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد لاش اباڻي ڳوٺ لال بخش شاهاڻي نيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،مقتول لال بخش شاهاڻي جي وارثن موجب گذريل ڏينهن ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جوابدار امداد شاهاڻي، محمد شاهاڻي سان ڏند چڪ ٿي هئي،جنهن بعد  جوابدارن کيس قتل ڪيو آهي، هوڏانهن مخدوم بلاول پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.