ثقافت کاتي ۾ ڪرپشن ڪيس: ٻڌڻي 12جولاءِ تائين ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) ثفافت کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي نيب عدالت ۾ ٿي، مرڪزي جوابدار روشن ڪناسرو سميت ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو، سنڌٽوئرازم ڊوپليمنٽ ڪارپوريشن ۽ جوابدار شهنشاهه حسين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اصل ڪاغذ پيش ڪرڻ جو حڪم  ڏيندي ٻڌڻي 12جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدارن تي الزام آهي ته هنن 4ڪروڙ 85لک رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪري قومي ناڻي کي نقصان پچايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.