شفقت محمود جو مخالف ڌر جي مطالبي تي پرچا ملتوي ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد(م ڊ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود مخالف ڌر جي مطالبي تي پرچا ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته امتحان ڇو ملتوي ڪيا وڃن؟  اهڙي عمل سان شاگردن کي سزا ڇو ڏجي جن سڄي تياري ڪئي آهي. سندس چوڻ هوته اهڙا شاگرد جيڪي تياري نه هئڻ جي ڪري وڌيڪ وقت گهري رهيا آهن اُهي سپليمنٽري امتحان ڏئي سگهن ٿا ۽ سلپيمنٽري امتحان ٻه ٽن مهينن کان پوءِ امتحاني بورڊز جي تحت ورتا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.