ڪورونا جي ڀارتي قسم جا ڪيس ، 31 جولاءِ تائين ويڪسين لازمي

اسلام آباد(م ڊ) ڪورونا وائرس جي نئين قسم جي امڪاني حملي کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان 9 کان 18 جولاءِ تائين ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي جو فيصلو ڪيو آهي.  ڀارتي قسم (ڊيلٽا وائرس)کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڊيلٽا وائرس جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن جيڪي ڪورونا جي چوٿين لهر به ٿي سگهن ٿا. جنهن کي نظر ۾ رکندي اين سي اوسي پاران ڊيلٽا وائرس ۽ پاڪستان ۾ موجود ٻين وائرسن جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي ڏني آهي. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڊيلٽا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ احتياط نه ڪيو ويو ته خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. ان وائرس جي ڪري ڀارت ۾ نه رڳو لاتعداد فوتگيون ٿيون پر مختلف اسپتالن ۾ آڪسيجن جي گهٽتائي جي ڪري مريض بي يارو مددگار تڙپندا رهيااين سي او سي جو چوڻ هو ته سمورن پرائيويٽ سيڪٽر ملازمن سان گڏوگڏ ڪارپوريٽ سيڪٽر، ننڍي، وچولي ۽ وڏي انڊسٽرين جي ملازمن، زراعت، ميڊيا، وڪيل، پرائيويٽ ڪمپنيون سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي 31 جولاءِ کان اڳ ويڪسين لڳائي وڃي، 18 سالن کان مٿي عمر واري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ ويڪسين وارو عمل لازمي قرار ڏنو ويو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.