پنجاب سرڪار پاران ويڪسين نه ڪرائيندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت ڪورونا ويڪسي نيشن نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف سيڪريٽري پنجاب جواد رفيق ملڪ جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ويڪسي نيشن جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ويڪسي نيشن نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري پنجاب جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا جي چوٿين لهر جو خطرو موجود آهي، سمورن سرڪاري ملازمن ۽ هنن جي وارثن جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻايو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.