راڻا ثناءُالله جي ضمانت سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: (م ڊ) نيب لاهور ليگي اڳواڻ رانا ثناءُالله جي ضمانت واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پراسيڪيوشن ٽيم ان حوالي سان اپيل تيار ڪري ورتي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله جي عبوري ضمانت ڪنفرم ڪئي هئي پر هاڻ نيب اپيل ذريعي سپريم ڪورٽ مان ضمانت رد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم رانا ثناءُالله جي ضمانت رد ڪرڻ جي لاءِ اپيل تيار ڪري ورتي آهي. نيب پنهنجي اپيل ۾ رانا ثناءُالله کي ڌر بنايو آهي. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويندو ته لاهور هاءِ ڪورٽ حقيقتن جي ابتڙ ليگي اڳواڻ جي ضمانت ڪنفرم ڪئي.رانا ثناءُالله جا اثاثا ان جي آمدني کان مشابهت نٿا رکن. ان ڪري سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ضمانت منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.