ڪلڀوشن کي اين آر او ڏيڻ ۾ پ پ ملوث نه ٿيندي: بلاول

مظفر آباد (م ڊ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳوڻي صدر مشرف کي ڀڄايو، نواز شريف جو مقابلو ڪيو، هاڻ نااهل کي به ڀڄائينداسين، آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ۾ سندن مقابلي ۾ حريف پارٽين تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اسان پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جيان يوٽرن وٺڻ وارا ناهيون، هن چيو ته سليڪٽڊ وزير اعظم ماڻهن کان لٽو، اٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي، توهان کي ڪشمير کي تباهي کان بچائڻو آهي،پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ڪشميري عوام ڪندو، اِهو ئي پيپلز پارٽي جو فلسفو رهيو آهي،سندس چوڻ هو ته اسان پرويز مشرف کي ڀڄايو ۽ نواز شريف جو مقابلو ڪيو، جيالا هٿ ٺوڪي حڪومت کي ڀڄائيندا ۽ ڪشمير جو سودو نه ٿيڻ ڏيندا،بلاول ڀٽو زرداري اِهو به چيو ته عوام سان گڏجي نالائق ۽ نااهل سليڪٽڊ حڪومت جو مقابلو ڪنداسين، نااهل حڪومت کي به ائين ڀڄائينداسين جيئن سڀني کي ڀڄايو، پ پ چيئرمين واضح طور چيو ته عمران خان ڪلڀوشن ياديو کي اين آر او ڏيڻو آهي ته پاڻ ئي ڏئي ڇڏي، ان معاملي ۾ پيپلز پارٽي ملوث نه ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.