ترٻيلا ۾ 3 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي روڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي: سهيل سيال

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ارسا ۽ وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو پاڻي کوٽ بابت ڳالهه ڪئي آهي ۽ اٺ جولاءِ تي ايڊوائزري ڪاميٽي جي ميٽنگ ٿي آهي، ڪاميٽي اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته تربيلا ۾ ٽي لک ڪيوسڪ  کان وڌيڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي، نااهل حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادگارن کي نقصان پهچائي رهي آهي، پنجاب ۽ ارسا چوي پيو ته سنڌ ۾ پاڻي چوري پيو ٿئي غير جانبدار اختياريون جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻين، ميٽنگ ۾ طئي ٿيو ته عالمي ماهرين جي ٽيم ان ڳالهه جي جاچ ڪندي چيف انجنيئر گڊو بئراج جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي صوبائي وزير چيو ته ارسا ۽ وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي، ايڊوائزري ڪاميٽي جي ميٽنگ ٿي هئي جنهن ۾ ڪاميٽي اها ڳالهه تسليم ڪئي آهي ته تربيلا ۾ ٽي لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي روڪيو پيو وڃي ۽ نااهل حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادگارن کي نقصان پهچائي رهي آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ ارسا چوي پيو ته سنڌ ۾ پاڻي چوري پيو ٿئي، غير جانبدار اختياريون جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻين،ميٽنگ ۾ طئي ٿيو ته عالمي ماهرن جي ٽيم ان ڳالهه جي جاچ ڪندي ۽ ميٽنگ ۾ طئي ٿيو هو ته ڪاميٽي ۾ واپڊا اختياريون نه هونديون پر نااهل نيازي حڪومت اسان جي سفارشن کي رد ڪري واپڊا کي شامل ڪيو آهي، گڊو بئراج تي 67 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي گهٽتائي آهي جنهن سبب  گڊو تي پاڻي جي کوٽ تي بلوچستان ۾ پاڻي فراهمي جو مسئلو ٿي رهيو آهي، بلوچستان حڪومت جو احترام آهي وفاقي حڪومت جا اتحادي ٿيڻ جي ڪري سڄو بار سنڌ حڪومت تي وڌو پيو وڃي،  ارسا واپڊا کي لکيو هو ته چوڏنهن سئو جي ليول تائين برقرار رکنداسين پر واپڊا اضافي پاڻي اسٽور پئي ڪري ۽ سنڌ ۾ زراعت متاثر ٿي رهي آهي، بدين سميت پڇڙي ۾ احتجاج ٿئي پيو، هن چيو ته  ارسا اختيارين هاڻي ڪاميٽي ڇو ناهي جوڙي ۽ پاڻي اسٽور ڇو پيو ڪيو وڃي  ملڪ جو وزيراعظم بي خبر آهي ان کي پاڻي کوٽ جي ڄاڻ ناهي ته ڪيتري کوٽ آهي،  نادر مگسي جي ٻه سال پراڻي ويڊيو هلائي پئي وڃي پاڻي جي سياست پ پ نٿي ڪري اسان نٿا چاهيون ته صوبن جا ماڻهو هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿين، احتجاجي ڌرڻي جي آڙ ۾ امن دشمن قوتون حرڪت نه ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.