ڪورونا ڪيس وڌڻ لڳا، وڌيڪ 25 ڄڻا فوت، 1737 متاثر، شادي هال بند ڪرڻ جو چتاءُ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 25 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 1737 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 47 هزار 528 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1737 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 25 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.65 سيڪڙو رهي. سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22518 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 67 هزار 633 تائين پهچي ويا آهن. ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 774 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن . منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي شروعات جا چٽا اشارا ملي رهيا آهن.  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اسد عمر جو چوڻ هو ته ٻه هفتا اڳ مان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو هو ته اسان جي هٿرادو ذهانت جا ماڊلز (آرٽيفيشل انٽليجنس) ملڪ ۾ وائرس جي چوٿين لهر جا امڪان ظاهر ڪري رهيا آهن. هاڻي چوٿين لهر جي شروعات جا اشارا واضح طور سامهون اچي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۽ وائرس جي مختلف قسمن خاص طور تي ڀارتي قسم جو ڦهلاءُ ڳڻتي جو سبب ۽ وائرس ڦهلجڻ جو سبب آهي. اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته فيلڊز رپورٽن مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته شادين جي گهر اندر تقريبن ۽ انڊور ريسٽورنٽس ۽ جمز ۾ ويڪسين ڪرايل ماڻهن جي شرڪت واري هدايتن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن جاين جي مالڪن ذميداري جو مظاهرو ڪندي ويڪسين ڪرائڻ واري عمل کي يقيني نه بڻايو ته اسان وٽ انهن کي بند ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هوندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.