انصاف ڏيندڙ عدليا ۾ ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي: ڪي بي لغاري

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سينيئر وڪيل ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري حيدرآباد ريس ڪلب ۾ وڪيل احسن سني نظاماڻي، وڪيل اسلم لغاري، وڪيل رميز ابڙو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آهي ته عدليا جي آزادي، آئين جي پاسداري ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ وڪيل برادري وڏي جدوجهد ۽ جان جي قربانين ڏني آهي، پر افسوس عدل ۽ انصاف فراهم ڪندڙ عدليا ۾ به ميرٽ جي لتاڙ ٿي رهي آهي، تازو سنڌ سان تعلق رکندڙ 4 سينيئر ججن جي سينيارٽي کي نظرانداز ڪندي انهن کي ترقي کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ جي وڪيل برادري ۾ سخت ڳڻتي ۽ خدشن جي لهر پکڙيل  آهي، ان معاملي تي پاڪستان بار ڪائونسل به آواز اٿاريو آهي، جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ڪراچي به ٺهراءُ پاس ڪيو آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون ڌرڻي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو رمارڪس “ڌرڻي وارا ڪير ماڻهو آهن” سان اسان سڀني جي دل آزاري ٿي آهي، ڌرڻي وارا هن ڌرتي جا ڌڻي ۽ هتي جا رهواسي آهن. هن چيو ته ججن جي سينيارٽي کي نظر انداز ڪرڻ وارو معاملو باقي ٽن صوبن ۾ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، صرف سنڌ سان ائين ڇو ٿي رهيو آهي.؟ جنهن تي اسان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته مشهور الجهاد ڪيس ۾ سينيارٽي کي اهميت ڏني وئي آهي، جنهن جي ججمينٽ موجود آهي، پر افسوس عدليا پنهنجي ئي ڪيل فيصلي تي عمل نه ڪري رهي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن ميرٽ جي اهڙي لتاڙ جاري رهي ته سنڌ مان ايندڙ 50 سالن تائين ڪو به سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس مقرر ٿي نه سگهندو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.